پنڊي وارن تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪجو!

تحرير: عبدالوهاب منشي

سال 2007ع ۾ بي نظير ڀٽو جي شهادت جي صبح، اسان ٻئي پيءُ پٽ ڊائيننگ ٽيبل تي غمگين حالت ۾ ناشتي لاءِ ويٺا هياسين ته پاپا چيو ته ”سندس پيءُ جو لاش به پنڊي مان آيو هو ۽ بي نظير جو لاش به پنڊي مان موڪلڻ، سنڌ لاءِ ڪو پيغام ته ناهي! اهو چئي پوءِ هو ڏکايل انداز ۾ ڪجهه دير خاموش رهي وري چوڻ لڳو ته ”ان جي ڀٽي صاحب کي به خبر هئي ته بي نظير کي به…..!

توکي خبر آهي ته وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن مري ريسٽ هائوس ۾ رهيو هو ته هن ريل گاڏي ذريعي سڄي ملڪ جو دورو ڪيو. ماڻهن سان مليو عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪيو. ٽرين جڏهن حيدرآباد پهتي ته گاڏي جي دروازي تي بيهي ڀٽي صاحب وڏي واڪي منشي او منشي ڪري سڏ ڪندي چيو ته اندر اچ.

مان تمام گهڻي رش سبب بوگين جي وچ مان گذرندو سندس وٽ پهچي ويس. مير مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي، ممتاز ڀٽو، عبدالوحيد ڪٽپر، حسين شاهه بخاري، راڻو خان ڀٽو سوڌو وڏي ليڊرشپ اندر ويٺل هئي. ڀٽي کي 70 ڪلفٽن پهچڻو هو. اتي هڪ هڪ ڄڻي سان مخاطب ٿي ڀٽو صاحب چوندو رهيو ته ضياءَ الحق ۽ سامراج مون کي مارڻ جو ارادو رکن ٿا. تنهن تي اتي موجود جتوئي کان وٺي ڪري ممتاز ڀٽو کيس چوڻ لڳا ته صاحب اوهان کي ڪجهه نه ٿيندو، ڀٽو صاحب شايد ان خوش فهمي جو شڪار رهيو…

پر پٽ! ڀٽي جي لاش ثابت ڪيو ته سنڌ مان جيڪو به پنڊي ويندو سو اتان زنده نه موٽندو، بي بي جي شهادت به اسان کي سيکاريو ته، سنڌيو ڪڏهن به پنڊي وارن تي ڀروسو نه ڪجو. هاڻي مان پنهنجي مرحوم والد شهاب الدين منشي جي ان ڳالهه کي وصيت سمجهان يا نصيحت؟

پر پٽ! ڀٽي جي لاش ثابت ڪيو ته سنڌ مان جيڪو به پنڊي ويندو سو اتان زنده نه موٽندو، بي بي جي شهادت به اسان کي سيکاريو ته، سنڌيو ڪڏهن به پنڊي وارن تي ڀروسو نه ڪجو. هاڻي مان پنهنجي مرحوم والد شهاب الدين منشي جي ان ڳالهه کي وصيت سمجهان يا نصيحت؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.