ذهني دٻاءُ ڇاهي

ذهني دٻاءُ ويڳاڻپ يا ڊپريشن هڪ نفسياتي بيماري آهي جيڪا گهڻو پريشان رهڻ، بي آرامي ڪنهن ڊيگهاري بيماريء، ماڻهن جا غلط يا ڌڪار وارا رويا، وسيلن کان وڌ مسئلا، بي جوڙ شادي، عشق ۾ ناڪامي، والدين جي عدم توجهي، گهريلو جهيڙا جهڳڙا، زال مڙس جي هڪ ٻئي سان اڻ بڻت، زال کي گارگند ڪرڻ يا موچڙا ماري ڪرڻ، سس ۽ نهن جو سدائين جو جهيڙو وغيره۔ هن بيماري يا تڪليف کي خود تي مسلط ڪيل بيماري به سڏيو ويندو آهي۔ حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هر انسان جي سهپ جي به هڪ مقرر حد هجي ٿي پر جڏهن مسئلا وڌي الجهي وڃن ٿا ۽ متاثر شخص همت هاري ويهي ٿو ۽ ويڳاڻپ جي ور چڙهي وڃي ٿو.

سو جڏهن همت ۽ حوصلو صفا هارائجي وڃي ٿو، ذهني دٻاء وڌڻ سبب ننڊ  نه ايندي آهي ۽ بي سڪوني واري حالت يا بيقراري وڌي ويندي آهي بک صفا گهٽ يا بلڪل به نه لڳندي آهي هر وقت موت جا خيال حاوي رهندا آهن ۽ بار بار کيس خودڪشيء جا خيال ايندا رهندا آهن ۽ اهي جڏنهن شدت پڪڙي ويندا آهن ته مريض خودڪشي ڪري پريشانين کان هميشه جي لاءِ نجات چاهيندو آهي.  ۽ خودڪشي ڪري هو پنهنجي پر ۾ راھ نجات حاصل ڪندو آهي.

ويڳاڻپ جو بهترين ۽ سادو علاج اهو آهي ته اوهان سدائين پاڻ کي مشغول رکو، ڪتاب پڙهو پنهنجا ويچار ۽ شاعري لکو ۽ سٺي شاعري پڙهو، سٺن ماڻهن، صوفين، اهل دل ماڻهن ۽ پنهنجي اعتماد وارن ماڻهن سان صحبت ڪيو ۽ انهن کان رهنمائي حاصل ڪيو۔ روحاني ڪتاب پڙهو، روحانيات ڏانهن راغب ٿيو،صبح سانجهيء مراقبو ڪيو، باجماعت نماز ادا ڪيو۔ دل کي پاڪ صاف، خوش ۽ مطمئن رکڻ لاء خلق جي خدمت کي شعار بنايو۔ وهمن وسوسن کان بچڻ لاء ٽي وي ڏسو۔ ٻي ڪا دل کي خوش ۽ راضي رکڻ واري مشق ڪيو، انتقامي سوچن کي ذهن کان پري رکو۔ جن کي اوهان ناراض ڪيو آهي، انهن کي پرچايو، جن توهان سان ناانصافي يا بيواجبي ڪئي آهي، انهن کي دل سان معاف ڪري ڇڏيو۔ پنهنجي غمن ڏکن تڪليفن ۽ پريشانين کي غريبن مسڪينن، بي پهچ ماڻهن، بيمارن ۽ مفلوج يا ذهني طور نا اهل شخصن سان ڀيٽ ڪري ڏسو ته دنيا ۾ ڪيترا ۽ ڪيڏا نه غم آهن۔ والدين تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته پنهنجي اولاد جي صحيح ۽ مڪمل پرگهور لهن انهن کي منشيات واپرائڻ ۽ عادي ٿيڻ کان بچائن۔ سندن ننڍي هوندي کان ئي ذهني صحت جو وڌ ۾ وڌ خيال رکن ۽ بري صحبت کان بچائن۔ وڌندڙ خودڪشين جو تناسب گنڀير صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو۔ ڇاڪاڻ ته مسئلا بيشمار ۽ وسيلا بلڪل محدود آهن۔ جنهن شخص کي به مٿيون ڏسيل علامتون ظاهر ٿين ته جلديء ۾ پنهنجو علاج ڪرائڻ گهرجي ۽ مڪمل شفاياب ٿيڻ تائين علاج جاري رکجي. مراقبو هن مرض ۾ بهتر نتيجن ڏيڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو۔ ڪڏنهن به سڀاڻي جو فڪر مند نه ٿيڻ گهرجي، ماضيءَ کي وساري حال ۾ جيئڻ سگهجي ۽ مسلسل جستجو جاکوڙ جاري رکندي صدق دل سان محنت ڪري منزل ماڻڻ جي اڻ ٿڪ ڪوشش ڪجي ۽ هميشه جوان همت ۽ جذبي سان زندگيءَ جا سڀ مرحلا ۽ منزلون طئي ڪندو اڳتي اڃا اڳتي وڌڻ جي ڪوششن کي جاري ساري رکجي۔ ڪو اهڙو ڪم ڪري وڃجي جو دنيا اوهان کي سٺن لفظن سان ياد ڪري، نيڪيون ڪري سدا لاءِ امر ٿي وڃجي. بي آرامي يا معدي جي تڪليف هجي ته انجو بهتر علاج ڪرائڻ گهرجي۔ سڀ کان اهم ڳالھ ته ذهن ۾ موجود سموري خلفشار، وهمن، وسوسن ۽ اجائي خوف کان ذهن کي آجو ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.