عطيه دائود: بنيادي انساني حقن جي گهمندڙ ڦرندڙ جدوجهد

تحرير: امر پيرزادو

عطيه دائود بنيادي انساني حقن جي ڄڻ  گهمندڙ ڦرندڙ جدوجهد آھي، عورتن لاءِ جدوجهد ڪندي هوءَ پنهنجي دوستن جي دائري ۽ اسڪول آف ٿاٽ جون سرحدون به اورانگهي هر ان عورت يا مرد سان گڏ بيٺل نظر ايندي جنهن سان ڪنهن به سطح تي ڪو سماجي استحصال ٿيو هجي، هوءَ انسان جي برابري تي يقين رکندڙ آھي جنهن ۾ مرد توڙي عورت ٻئي شامل آھن. اهڙا ماڻھو ڏسي نظرين تي يقين ۽ انهن تي پيار اچڻ لڳندو آھي.

هن جتي مرداڻي سماج جي خلاف شاعري توڙي نثر ۾ کليل بغاوت ڪئي آھي اتي مرد سان عشق به ڪيو آھي ۽ ان کي شاعري ۾ برابري به سيکاري آھي.

منهنجا محبوب

منهنجي وارن ۾

آڱريون ڦيريندي

مون سان

چنڊ متعلق

نه ڳالهاءِ

مون سان اهي ڳالهيون ڪر

جيڪي دوستن سان

ڪندو آھين

هوءَ پنهنجي ڌي کي جهڙي آزادي شاعري ۾ ٿي ڏي ساڳي ان جي زاتي زندگي ۾ به ڏئي ٿي

منهنجي ڌي

هو توکي ڪاري

ڪري مارين ته

مري وڃجان

پر نينهن ضرور لائجان

سندس دوست، جيون ساٿي توڙي ٻار هن جي اصولن واري زندگي جي سامهون هر وقت هڪ اڻ ڏٺل احتساب مان گذرندا آھن جنهن ۾ عطيه کين ذاتي تعلق جي ڪري  رعايت ناهي ڏيندي. ڪچهرين ۾ چوندي آھي ته جڏھن مان ڪو نئون ڪتاب ڏسندي آھيان ته اڳ ۾ ڏسندي آھيان ته عورت متعلق صاحب ڪتاب جو موقف ڪهڙو آھي ۽ ان ۾ ھو ڪيترو چٽو آھي.

پاڻ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي ۾ رهندي روشن خيال اديبن جي صحبت مان به سکيائين ته اتي ئي تنگ نظر ماڻهن مان ذهني ٽارچر به ماڻيو اٿئين  پر  ڪڏھن به هار نه مڃيندي. سندس دوستن جي حلقي ۾ عورتون ۽ مرد ٻئي شامل آھن. پنهنجي دوستن سان هن جو لڳاءُ ڏسي مون کي سدائين حيرت ٿي آھي. اياز جاني گذاري ويو ته عطيه مون کي فون ڪئي،  هوءَ روئي رهي هئي ۽ مان به ڳوڙھا روڪي نه سگهيس، جڏھن ستار پيرزادو گذاري ويو ته چيائين مون کي ستار جو ايڏو ڏک آھي جو ڄڻ ذھن ئي ڪم نه ٿو ڪري، پاڻ کي پوئتي رکڻ وارا اهڙا ماڻھو هاڻي گهٽ بچيا آھن. عطيه ملندي آھي ته ايئن ڳالهائيندي آھي ڄڻ اسان دوست هجون، پنهنجي زندگي جو ڪتاب کولي آڏ رکندي آھي جنهن ۾ دعوي گهٽ، سچ ۽ معصويت  وڌيڪ ملندي آھي.

سندس شاعري جي ڪو مرد يا عورت ڪاپي به ان ڪري نه سگهيو آھي جو هن جيئن محسوس ڪيو تيئن لکيو آھي.  اهڙي شاعري مطالعي مان نه پر ذاتي تجربي مان ڦٽندي آھي. سندس نثر به سٺو آھي.

عطيه ۽ خدا بخش جي فيملي سنڌ ۾ آرٽسٽ ۽ روشن خيال فيملي جو هڪ مثال آھي، اختلاف هر فيملي جو حصو هوندا آھن پر انهن گهڻي ڀاڱي آدرشي زندگي تي عمل ڪري ڏيکاريو آھي. مان سوچيندو آھيان ته پٽ جو اولاد اڪثر ماڻھو ان ڪري به گهرندا آھن ڇاڪاڻ ته پٽ انهن کي ڪمائي کارايندا آھن. عطيه ۽ خدابخش کي ٻه ڌيئرون هيون ۽ انهن جي مثالي پرورش ڪين.  مون کي حيرت ٿي جڏھن عطيه  مون کي ٻڌايو ته هاڻي سهائي جڏھن هڪ سيليرٽي ٿي آھي ته اها اسان کي به سپورٽ ڪندي آھي.

ڏک صدما سڀ جي زندگي ۾ هوندا آھن پر انهن جي هوندي اوهان جي زندگي معاشري ۾ ڪهڙو پيغام ٿي ڏئي اهائي ڪسوٽي هوندي آهي، عطيه ڏکن هوندي به پاڻ کي نه صرف سنڀاليو آھي پر ثابت قدم به رکيو آھي. ڪالهه پهرين اپريل تي سندس جنم ڏينهن هو ان حوالي سان کين جنم ڏينهن مبارڪ.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.