سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان لغڙ اڏائيندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ هلندڙ لغڙ اڏائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت لغڙ اڏائيندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ ڪراچي جي ڪمشنر  کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ڌرين کان 24 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو، سنڌحڪومت جي وڪيل چيو ته ڪراچي جي ڪمشنر اڳ ئي لغڙ اڏائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، درخواستگذار جي وڪيل شاهه مير بلوچ چيو ته لغڙ اڏائڻ سبب ڪيترائي  شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن، وڪيل شاهه مير بلوچ وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ملير سعود آباد واري علائقي ۾لغڙ اڏائڻ دوران ڌاڳيسان هڪ شهري زخمي ٿي پيو هو، پوليس پاران لغڙ اڏائيندڙن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، لغڙ اڏائيندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.