”يوزي! تو لاءِ ڪجهه به ڪري سگهان ٿي“ چاهل ۽ پريتي زنٽا جي گفتگو وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ آءِ پي ايل فرنچائز پنجاب ڪنگز جي مالڪياڻي پريتي زنٽا ليگ اسپنر يووزويندرا چاهل جي ”اوپننگ بيٽنگ“ ڪرڻ واري خواهش تي دلچسپ جواب ڏئي ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پريتي زنٽا طرفان شروع ڪيل سوالن جوابن واري سيشن ”پي زيڊ چيٽ“ دوران، ڀارتي اسپنر ۽ پنجاب ڪنگز جي اهم رانديگر يووزويندرا چاهل سوال ڪندي پڇيو ته ”ميڊم، ڇا مون کي ڪنهن هڪ ميچ ۾ اوپننگ بيٽنگ ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو؟“
پريتي زنٽا ان سوال جو مزاحيه انداز ۾ جواب ڏيندي چيو ته ”يوزي، بلڪل! توهان لاءِ ڪجهه به، بس آءِ پي ايل ختم ٿيڻ ڏيو، ان کانپوءِ توهان جنهن به ميچ ۾ چاهيو اوپننگ ڪري سگهو ٿا، مون کي پڪ آهي ته ان تي پرڀسمرن سنگهه ۽ پريانش به اعتراض نه ڪندا.“
پريتي زنٽا پنهنجي جواب ۾ واضح ڪيو ته چاهل کي اوپنر طور موڪلڻ آءِ پي ايل جي شيڊيول ميچن دوران ممڪن ناهي، پر ٽورنامينٽ کانپوءِ هو ڪنهن به دوستاڻي ميچ ۾ پنهنجو شوق پورو ڪري سگهي ٿو.
سندن اها گفتگو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جتي واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.