چٽاگرام (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان شاندار فتح حاصل ڪري ورتي.
چٽاگرام ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان نيوزيلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪيٽين ڪلارڪ 51، ڊين ڪليور 51 ۽ نِڪ ڪيلي 39 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش جي ريشاد حسين ٻه، شريف السلام، تنظيم حسن ثابت ۽ مهدي حسن هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ بنگلاديش 183 رنسن جو هدف 18هين اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
بنگلاديش طرفان توحيد هردوئي 51 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي، جڏهن ته شميم حسين 31 ۽ پرويز حسين ايمون 28 رنسون ٺاهيون.
نيوزيلينڊ جي ايش سوڍي 2 وڪيٽون ورتيون، توحيد هردوي کي بهترين ڪارڪردگي تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
You might also like