غير آئيني عملن جو ازلو ڪڏهن ٿيندو؟

تحرير: امتياز عالم

ڪو ايڪھٺ سال اڳ جو قصو آهي، ھٿ ٺوڪئي حيدرآباد سازش ڪيس ۾ قيد فيض احمد فيض ھڪ رزميائي نظم”نثار مين تيري گليون ڪي“ ۾ بھ شڪايت ڪئي ھئي  ته:

بنے ہیں اہلِ ہوس، مدّعی بھی، منصف بھی

کسے وکیل کریں، کس سے منصفی چاہیں

اڄ به منظر ڪجهھ گهڻو مختلف ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇھن معزز جج صاحبن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي،انتظاميه ۽ ان جي ماتحت فوج جي ڳجهي ايجنسي جي عدالتي معاملن ۽ ججن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي  ذاتي شاهدين سان، هاءِ ڪورٽ ۽ ضلعي عدليه جي حوالي سان جيڪي سنگين الزام هنيا آهن ۽ ان سڄي ملڪ  ۾ کليل راز پڌري ٿيڻ تي ٽاڪوڙو مچائي ڇڏيو آهي.

پاڪستان ۾ ڏھاڪن کان جاري ۽ وڏن وڏن سياسي موڙن ۽ اهم ترين آئيني ۽ قانوني ڪيسن ۾ انتظاميه جي دٻاءُ هيٺ بيوس ججن/ بينچن ھٿان انصاف جي قتل عام جو نظارو ڏسندي ڏسندي اکيون پٿرائجي ويون آهن. هر ڀيري جڏھن مرد آھن آئين ٽوڙيو آھي عدالتي توثيق جي بدلي ۾ عدليه کي مليو تھ رڳو پي سي او ججن جو شرمناڪ اعزاز. اهي ئي اھي بدمعاش عنصر هئا جن ججن جي ذريعي ڀٽو کي ڦاھي ڏياري. بينظير ڀٽو کي ٻيھر، نواز شريف کي ٽيھر ۽ عمران خان کي سزائون ڏياريون. اسلام آباد جي ڇهن بهادر ججن جنھن جرئت ۽ بهادريءَ  جو مظاھرو ڪيو آھي ان سان سڄي عدالتي نظام جي ڳجهن هٿن ۾ يرغمال بڻيل ھئڻ جي پراڻي ڄاتل سڃاتل ڪھاڻي  کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

تنهن ڪري ان کي لڪائڻ جون ڪوششون تھ تيز ڪرڻيون ئي ھيون ۽ سياسي ٽڪرائن  کي پنهنجي پنھنجي ڏک جو روئڻ تھ روئڻو ئي ھو. ڇهن ججن جو گڏيل خط ھڪ اهڙو عمل ھو جنھن سان اعليٰ عدليھ سميت ،حڪومت ۽ رياستي ادارن جا ھوش ئي اڏامي ويا. چيف جسٽس محترم فائز عيسيٰ جي  سربراھي ۾ سپريم ڪورٽ  جا فل ڪورٽ سيشن منعقد ڪيا ويا ۽ ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت کي اھو ڪيس پاڻ ٻڌڻ يا پنھنجي  نگراني ۾ جاچ ڪرڻ جي ڪا ترڪيب نھ سجھي يا وري ھمٿ ئي نھ ھئي.تنھنڪري سپريم ڪورٽ ۽ انتظاميه گڏيل رضامندي سان  جاچ ڪرائڻ جو تاج ھڪ اھڙي اڻ گھڙئي ڪاٺ جي مٿي تي رکي ڇڏيو.جنھن جي خالق طاقتور ترين محڪمن  جي زورآور اھلڪارن خلاف بي وس ججن ايف آءِ آر ڪٽرائي آھي.   هميشه وانگر ھڪ ڀيرو ٻيھر معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ جاچ ڪميشن جو آزمايل نسخو شهباز حڪومت ۽ ان جا قانوني ماهر کڻي آيا آھن،  اهڙي صورتحال ۾ ڪنھن گم ٿيل شريف النفس معزز اڳوڻي چيف جسٽس جي ڳولا شروع ٿي. يقينن اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جو نالو ذهن تي اچي ٿو، پر هو ڇو پنهنجو مٿو اکري ۾ وجھندو. جنهن مان ڪجهه به نڪرڻ وارو ناهي. رياست جو اخلاقي ڏيوالپو ايترو پٽجي ويو آھي جو ڪنهن کي به حڪومتي ڪميشن تي اعتبار ئي نه رهيو آهي. ھونئن بھ تاريخ شاهد آهي ته حمود الرحمان ڪميشن، ميموگيٽ ڪميشن، مسنگ پرسنز ڪميشن ۽ صحافي سليم شهزاد جي قتل تي ٺاهيل ڪميشن جا ڪي بھ نتيجا نھ نڪتا نھ ئي صورتحال ۾ سڌارو آيو.

ڇامسنگ پرسنز ۽ سليم شھزاد ڪميشن جي رپورٽن ۾ ڳجھن ايجنسين جي ڪم جي دائري،حدن سرحدن ۽ جوابدھي جي لاءِ  ڏنل تجويزن  تي ڪنھن طرح جو ڪو عمل ٿيو ؟ حڪومتن ۾ نھ ھمت هئي، نھ ئي عدليه ۾ ايترو زور ھو ۽ نھ ئي پارليامينٽ ان جي اھل  هئي جو رياست جي بي قابو گهوڙن کي لغام وجھي سگهي.آئيني رياست کان مٿاھين رياست کي آئيني دائري ۾ آڻڻ جي اهڙي ڪنھن به ڪوشش جي انجام کي اسان قومي اڳواڻن ۽ وزيراعظمن شيخ مجيب الرحمان، ذوالفقار علي ڀٽو شهيد، بينظير ڀٽو شهيد، نواز شريف، صدر آصف علي زرداري ۽ هاڻي عمران خان جي انجام جي صورت ۾ ڏٺو آهي.

پهرين ته انڪوائري ڪميشن تي ئي وڏو تڪرار کڙو ٿي ويو آهي. تحريڪ انصاف تھ ان کي شروع کان ئي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چاهي ٿي ته جيڪي ناانصافيون ان جي باني ۽ ڪارڪنن سان ٿينديون رھيون آھن،جنھن جي شاھدي بقول، پي ٽي آءِ وڪيل  6 ججن ڏئي ڇڏيون آهن، انھن جو تدارڪ ڪيو وڃي.

ٻئي طرف نواز ليگ ،شريف خاندان ۽ ن ليگ ڪارڪنن خلاف ناانصافين جي کاتي کولڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ڏسجي ته پيپلز پارٽي، بلوچ، پختون ۽ هزاره قومپرست ۽ مهاجر لسانيات پسند ڪھڙين ڪھڙين بي انصافين جا کاتا کولين ٿا.  پر انهن مڙني شڪايتن ۾ هڪجهڙائي واري ڳالهه ھي  آهي ”طاقتور ۽ انھن جا ڊگها هٿ“ بابت ھوش اڏيندڙ ڪهاڻيون آھن. هن حڪومت جا طاقتور سرپرست ۽ معزز قانون وارو وزير هاڻي ججن جي شڪايت تي ٽرمز آف ريفرنس تيار ڪندو، جنهن ۾ وڏو سوال اهو ھوندو ته انصاف جي نظام ۾ طاقتور ۽ انھن جي ڳجهن ادارن جي مبينا مداخلت جي فوجداري جاچ جو سلسلو ڪٿي کان شروع ڪجي ۽ ڪٿي ختم ڪجي.ھونئين  چيف جسٽس ۽ حڪومت کان وڌيڪ  سپھ سالار جنرل عاصم منير ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف جي ذميواري آهي ته اهي نه رڳو انهن الزامن جي جاچ ڪن ۽ اداري جي ضابطه اخلاق  کي وڏي واڪي سان  نئين سر مقرر ڪن بلڪھ آئيني عمل جي دائري ۾ رھندي حالتن کي سڌارين.

ڪجهه دوستن پارليامينٽ کان نھ ڄاڻ ڇو اها توقع ڪئي آھي ته سپريم اداري جي طور بي مھار ڳجھن جي اجائي ڳنڀير  ۽ غير آئيني عمل جو ازالو ڪري.جيڪو ان کي آئڊيلي ڪرڻ پڻ گهرجي؟ پر هنن اهو وساري ڇڏيو ته موجوده پارليامينٽ تھ وجود ۾ اچڻ کان اڳ ئي پنهنجو اخلاقي جوازووٽ چوري جي ھٿان وڃائي چڪي آهي. اهاھڪ  افسوسناڪ صورتحال آهي ته موجوده وڙھندڙ پارٽيون، پنهنجي ابن الوقتي جي سبب ھڪ  ئي سوراخ مان واري واري سان ڏنگجڻ باوجود  گڏيل بچاءِ جي مقصد لاءِ گڏ ٿيڻ لاءِ راضي نھ ٿي  رهيون آهن.

جڏهن ڪا رياست آئين جي پاسدار نه رھي ته عوام ۽ رياست جي وچ ۾ سماجي معاهدو ٽٽي ويندو آهي. جڏهن ادارا آئيني حدن ۾ نه رهن، جڏهن شهري قانون کان ٻاھر  غائب ۽ قتل ٿيڻ لڳن ميڊيا تي سخت پابنديون لڳي وڃن ۽ شهرين جي زبان بند ڪئي وڃي. عدالتون انصاف جون قتل گاهون بڻايون وڃن، شهري ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وڃي .طاقتور، اشرافيا ڦرلٽ جون حدون پار ڪري وڃي، ماڻهو زندگيءَ جي هر آسائش کان محروم ٿي وڃن، دهشتگرد ھر طرف خونريزيءَ ڪندا وتن، خطي ۾ سڀ سان جھيڙا  ۽ پاڙيسري تنگ آمد بجنگ آمد جي مصداق  اندروني خلفشار کي ھوا ڏين، چونڊن جا نتيجا  تبديل ڪيا وڃن  ۽ عوام جي ووٽ جي حق کي بوٽن هيٺان چٿيو وڃي ٿو،تھ جج به دانھون ڪرڻ تي مجبور ٿيو وڃن. تھ پوءِ رياست، رياست نٿي رھي۽ بيماري بڻجي وڃي ٿي. پر اهو سڀ ڪجهه ھلڻ وارو  ناهي!

جو تجھ سے عہد وفا استوار رکھتے ہیں

علاج گردشِ لیل و نہار رکھتے ہیں

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.