جمهوري نظام ۽ ملڪ جي سياست جو جائزو

تحرير: علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ جمهوري نظام جو حال ۽ مستقبل ڇا آهي ۽ ان حوالي سان ساڃاهه وندن، صحافين، قانوندانن ۽ سماج سڌارڪن ۽ مجموعي طور تي عوام جي راءِ ڇا آهي. ان معاملي ۾ مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن. ملڪ م 8 فيبروري 2024ع تي ٿيل عام چونڊن ۾ ووٽرن جي 48 سيڪڙو شرڪت ۽ پنهنجي پسند جي جماعتن ۽ اميدوارن کي ووٽ ذريعي ملڪ جي اڪثريت عوام طرفان چونڊن واري جمهوري نظام تي پنهنجي پسند جي مهر هڻي ان کي ملڪ هلائڻ ۽ صوبن ۾ صوبائي حڪومتن ذريعي صوبن جا انتظام هلائڻ ۽ ان کان اڳ ملڪ ۾ٿيل مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ يونين ڪائونسلن، ٽائون، ضلعي حڪومتن ۽ شهري حڪومتن ۾ ميئرن جي چونڊن ۾ پڻ سرگرمي سان ووٽ وجهي عوام طرفان پنهنجي ملڪ جي 1973ع واري آئين کي بهترين ۽ ان مطابق قائم ٿيندڙ جمهوري سرشتي تي پنهنجي اعتماد ۽ اتفاق جو اظهار ضرور ڪيو ويو آهي پر انهن قائم ٿيندڙ جمهوري ادارن  جي بهتر ڪمن ۽ ڪارڪردگي جي درست، لاڀائتو هجن بابت اڃا تائين ماڻهن کي انتظار آهي ته اهي پنهنجي فعال هجڻ ۽ عوام جي شهري ۽ ڳوٺاڻين آبادين لاءِ پنهنجي بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو پيش ڪري سگهن. 2 اپريل 2024ع  تي ملڪ جي پارلياماني نظام جي مٿين ايوان  سينيٽ آف پاڪستان جي سينيٽرن جي  ٿيندڙ چونڊن جو ڏينهن آهي ۽ ان بعد ملڪ ۾ قائم ٿيندڙ نئين جمهوري حڪومت جي اصل حيثيت ۽ طاقت مڪمل طور تي بحال ٿي ويندي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪارڪردگي جو اصل امتحان شروع ٿي ويندو.

ملڪ جي عوام ۾ پنهنجن جمهوري ادارن پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن سينيٽ آف پاڪستان، قومي اسيمبلي، صوبن جي اسيمبلين ۽ صوبن جي حڪومتن ۽ مڪاني ادارن جي ڪائونسلن ۽عوام جي خدمت جا قسم کڻي عهدا سنڀاليندڙ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ مڪاني ادارن جي بهتر ڪارڪردگي جو ضرور انتظار آهي،  عوامي راءِ عامه جي جاچ ڪندڙ ميڊيا جي ادارن ۽ ٽيڪنيڪل سروي ڪندڙ مختلف ادارن جي سامهون آيل سرويز ۾ عوام جي بيقراري ۽ غيرمطمئن هجڻ ۽ پنهنجي ملڪ جي جمهوري سرشتي جي گهٽ فعال ۽ مفلوج هجڻ بابت  پنهنجي بي اطميناني جو اظهار سامهون اچي رهيو آهي.

اسان جي ملڪ ۾ وڌندڙ لاقانونيت،  بدامني، دهشت گردي، غربت، مهانگائي، بيروزگاري ۽ ملڪ ۽ قوم جي بهتر حال ۽ مستقبل بابت ڳڻتي ۽ انديشا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. اسانجي ملڪ جو عالمي مالياتي ادارن آڏو بيوس بڻجن ۽ پنهنجي ملڪ جا سياسي ۽ معاشي معاملا ۽ فيصلا ٻاهرين طاقتن ۽ قرش ڏيندڙ ڪمپنين ۽ مالياتي ادارن حوالي ڪرڻ ۽ انهن جي حڪمن ۽ هدايتن مطابق بجلي، پاڻي، پيٽرول ۽ پيٽرليم مصنوعات ۽ زندگي جي ضرورت جي سامان جي قيمتن جو مقرر ڪرڻ ۽ عوام تي هر قسم جي ٽيڪسن ۽ مهانگائي جا بار ڪيرائي وجهڻ ۽ ماڻهن جو جيئڻ ڏکيو بڻائي ڇڏڻ ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به جمهوري حڪومت جو ڪم هجڻ نه گهرجي پر انهن کي حاصل عوامي اعتماد ۽  مدد حاصل هئڻ ڪري بهتر فيصلا ڪرڻ ۽ ماڻهن جي زندگين کي آسان ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن پر ملڪ جو جهڙي ريت عالمي طاقتن ۽ ٻاهرين ڪمپنين ذريعي گهيراءُ ٿيل نظر اچي رهيو آهي ان صورتحال ۾ وفاق ۾ موجود نالي ماتر سرڪار پنهنجي  ڪهڙي حڪمت عملي جو مظاهرو ڪري سگهندي اهو سوال يقينن پنهنجي اندر ئي جواب پڻ رکي ٿو ته، واپارين جي هن حڪومت ڪا خير جي اميد رکي نه ٿي سگهجي.

هڪ صدي اڳ دنيا ۾ عوامي انقلابن، سماجي ۽ سوشلسٽ انقلابن جو هڪ اهڙو دور به آيو جنهن سان  دنيا جا ڪيترائي بدحال ۽ ڏتڙيل ملڪ خوشحال ۽ ترقي يافتا ٿي ويا، جنهن ۾ روس، چين، ڪيوبا، اتر ڪوريا، ويٽنام، چيڪو سلواڪيا، هنگري، پولينڊ، ازبڪستان، ترڪمانستان،قازڪستان شامل آهن جڏهن ته سرمائيداري بلاڪ جا به ڪيترائي اهڙا ملڪ به آهن جيڪي پنهنجي قابل ۽ مخلص قيادت ڪري شاهوڪار ملڪ ۽ ترقي يافتا ملڪ بڻجي ويا آهن جنهن ۾ ملائيشيا پنهنجي ليڊر مهاتير محمد جي قيادت ۾ شاندار ۽ مثالي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري دنيا جي تيز رفتاري سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شمار ڪرايو آهي، اهڙي ريت، جپان، ڏکڻ ڪوريا، سنگاپور، اٽلي، ترڪي، انڊيا، ايران، تائيوان، جرمني، فرانس، آمريڪا، متحده عرب امارات، سعودي عرب  جهڙن ملڪن ۾ جتي حڪمران طبقن کي وڌيڪ طاقت ۽ سهولتون حاصل آهن پر انهن ملڪن جي مجموعي ترقي يا ثمر ۽ فائدا عام عوام کي پڻ پهتا آهن جهن ڪري انهن ملڪن جو عوام خوشحال آهي ۽ اتي جي ترقي دنيا جي رڪارڊ تي موجود آهي ۽ نظر پڻ اچي ٿي. پر اسان جو ملڪ پاڪستان جيڪو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ زرخيز خطي ۽ پنجن درياهن  جو مالڪ، دنيا جي وڏي قدرتي معدني دولت سان  مالامال هئڻ جي باوجود هتي جي حڪومتن ۽ قيادت جي قائداڻي صلاحيتن جي کوٽ ۽ لڳاتار آمريتن جي ڀرمار ۽ يلغار ڪري هتي جو نظام ايترو ته بيمار ۽ ڪينسر جو شڪار ٿي ويو آهي جو هاڻي ان کي بيمار ڳئون يا مينهن وانگر پنهنجي همت سان پنهنجي پيرن تي بيهڻ پڻ ناممڪن ٿيندو پيو وڃي ۽ اهڙي حالت ۾ دنيا جي ٻيلن جا بکيا بگهڙ ،چيتا ،  شينهن ۽ ڳجهه ان جي چوڌاري گڏ ٿيڻ ۽ مٿان لامارا ڏيڻ لڳا آهن.

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ هڪ سماجي اداري”  گيلپ “ طرفان دنيا جي جمهوريتن ۽ جمهوري نظام بابت ڪيل پنهنجي عوامي سرويز بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ دنيا جي 45 ملڪن ۾ جمهوري نظام بابت سروي ڪيا ويا آهن جنهن ۾ پاڪستان پڻ شامل آهي. پاڪستان جي ماڻهن جي مختلف گروپن کان ڪيل پڇا ڳاڇا سوالن ۽ ڇنڊ ڇاڻ ۾ ملڪ جي جمهوري سرشتي ۽ ان جي ڪارڪردگي بابت هڪ وڏي تعداد طرفان پنهنجي بي اطميناني وارا رايا سامهون آيا آهن.  سرويز ۾ خاص طور تي جمهوريت بهترين نظام آهي يا نه ان سوال تي  آڪٽوبر کان ڊسمبر 2023ع دوران 46 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کان ڪيل انٽرويوز ۽ سروي ۾ جيڪا تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪري رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي ان موجب 38 سيڪڙو ماڻهن جمهوريت جي سمورين خامين جي باوجود ان کي بهترين نظام قرار ڏنو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي ايترن ئي ماڻهن يعني 38 سيڪڙو ماڻهن جمهوري سرشتي تي اختلاف ۽ پنهنجي بي اطميناني جو اظهار ڪيو آهي. 10 سيڪڙو ماڻهن وچٿري راءِ ڏني آهي ۽ 14 سيڪڙو ماڻهن ان بابت سوالن جا جواب ڏيڻ يا پنهنجي ڪنهن به راءِ جو اظهار ڪرڻ کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ويو.  جڏهن ته 2005 ع ۾ ڪيل سروي ۾ 67 سيڪڙو پاڪستانين ۽ 2014 ع واري سروي ۾ 73 سيڪڙو جمهوري نظام جي حمايت ڪئي هئي. هن سروي مان اهو معلوم ٿي رهيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ پنهنجي جمهوري سرشتي يا نظام بابت سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي ۽ ان مان به اميدون تيزي سان گهٽجي رهيون آهن. اهڙي قسم جي صورتحال يقينن، ملڪ جي جمهوري جماعتن، جمهوريت تي يقين رکندڙ اڳواڻن، ڪارڪنن، ساڃاهه وندن، قانوندانن، صحافين ۽ سماج ۾ ڪم ڪندڙ سماجي ڪارڪنن ۽ سماج سڌارڪن لاءِ يقينن فڪرمندي جو سبب هجڻ گهرجن.

اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن به سوشلسٽ انقلاب آيو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪو مضبوط جمهوري سرشتو قائم ٿي سگهيو آهي، پاڪستان جي 76 سال اڳ قائم ٿيڻ بعد هي ملڪ 70 واري ڏهاڪي ۾ صرف قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو سندس جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي پهرين 6 سالن واري حڪومتي دور ۾ جيڪا ترقي ۽ ملڪ جي تعمير ڪري سگهيو ان بعد وري اهڙي ڪابه حڪومت هن ملڪ کي نصيب نه ٿي سگهي آهي. وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ملڪ ۾ قائم، ٿيل پارلياماني نظام، 1973 وارو آئين، هر هڪ بالغ شخص جو ووٽ جو حق ۽ حڪومت سازي ۾ سندن بنيادي ڪردار تسليم ٿيڻ ،  پاڪستان اسٽيل ملز، ملڪ جي ايٽمي پروگرام جو قائم ٿيڻ، بندرگاهن جي تعمير ، اقتصادي ۽ معاشي پروگرام جي بهتري، ملڪ مان جاگيرداري ۽ سرداري نظام جو خاتمو ڪرڻ  زرعي سڌارا آڻڻ ۽ لکين ايڪڙ زمينن جي بي زمين هارين ۾ ورهاست  ۽ ان کان سواءِ بي شمار اهڙا  عام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جا ڪم آهن جيڪي وري ڪنهن به هڪ قيادت ۽ حڪومت طرفان نه ٿي سگهيا آهن.

هن وقت دنيا ۾ هي دور به اچي ويو آهي جو ڪيترن ئي سوشلسٽ ملڪن ۾ سندن انقلابن مان جيڪي لاڀ ملڻو هو سو انهن کي حاصل ٿيڻ بعد هاڻي روس وانگر اتي نوان نظام اچي چڪا آهن پر اسانجو ملڪ نه انقلابي ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي مضبوط ۽  فعال جمهوري ملڪ بڻجي سگهيو آهي، مزيدار ڳالهه آهي ته اسانجي ملڪ کي هلائڻ ۽ سنڀالڻ لاءِ  ڪابه انقلابي يا ترقي پسند ۽ جمهوري جماعت يا ڌر پنهنجي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي سمورين ڌرين طرفان اها ذميواري صرف ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو  ۽ انهن جي پاڪستان پيپلز پارٽي جي کاتي ۾ وجهڻ بعد هو جمهوري نظام کان به لاتعلق ٿي رڳو تنقيد نگار ۽ مخالفت واريون ڪانفرنسون ۽ ريلي ڪڍي يعني پنهنجي آڱر وڍائي شهيدن ۾ نالو لکرائڻ ۾ سرگرم ضرور آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.