چين پاڪستان ۾ ٻن ڊيمن  تي ڪم روڪي ڇڏيو

چيني ٺيڪيدارن پاڪستان ۾ ٻن وڏن ڊيمن جي تعميراتي ڪم کي روڪي ڇڏيو آهي. اهو اعلان پنجن چيني انجنيئرن ۽ هڪ پاڪستاني ڊرائيور جي تازي خودڪش حمي ۾ مارجڻ بعد ڪيو ويو آھي. ڪم روڪڻ جو اعلان واري اعلان واري خبر جي  پاڪستاني عملدارن  تصديق ڪندي چيو ته چين موتمار حملي کانپوءِ ٻن ڊيمن جي تعميراتي منصوبن تي ڪم روڪي ڇڏيو هو.

چيني ڪمپنين پاڪستاني اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته تعميراتي سائيٽس جتي ھڪ ھزار ٻھ سئو کان وڌيڪ پورھيت ڪم ڪن ٿا اتي ڪيل حفاظتي انتظامن بابت پلان ڏنو وڃي . ان کانپوءِ ڪم شروع ڪبو.پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن جي مارجڻ تي ٻنھي ملڪن ۾ ڳڻتي موجود آھي.

پاڪستان ۾ شدت پسند  دهشتگرد حملن ۾ چيني شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي گذريل اڱاري ڏينهن چيني مزدورن تي ڪيل حملو هو، جنهن ۾ هڪ آپگهاتي بمبار چيني انجنيئرن کي نشانو بڻايو ۽ ان جي گاڏي هڪ جبل واري رستي تي ڊيم سائيٽ جي ويجهو اڏائي ڇڏي.

خيبرپختونخواهه صوبي جي گهرو کاتي جي هڪ سينيئر اهلڪار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي اي ايف پي کي ٻڌايو ته اربع ڏينهن چائنا گيزوبا گروپ ڪمپني داسو ڊيم ۽ پاور چائنا صوبي ۾ ديامير ڀاشا ڊيم تي ڪم روڪي ڇڏيو آھي.ڪمپنين  حڪومت کان هڪ نئين سيڪيورٽي پلان  جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڄاڻايل آفيسر وڌيڪ چيو ته داسو ڊيم منصوبي تي اٽڪل 750 چيني انجنيئرز لڳل آهن جڏهن ته 500  انجنيئر ديامير ڀاشا ڊيم تي ڪم ڪري رهيا آهن، صوبائي گهرو کاتي جي ان سينيئر آفيسر موجب چيني انجنيئرز جي چرپر  ڪمپائونڊز تائين محدود ڪئي وئي آھي،چين اڃا تائين ان قدم تي ڪو تبصرو نه ڪيو آهي، پر هن هفتي بار بار پاڪستان تي زور ڏنو ته آھي تھ چيني شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي.

بيجنگ اسلام آباد جو سڀ کان ويجھو علائقائي اتحادي آهي ۽ اڪثر مالي مشڪلات ۾ پاڙيسري جي مالي مدد ڪندو رھندو آهي. چين پنهنجي بيلٽ اينڊ روڊ انويسٽمينٽ اسڪيم جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ ٻن ٽريلين ڊالرن کان وڌيڪ جا معاهدا ڪيا آهن، جنهن تحت پاڪستان ۾ به انفراسٽرڪچر جي منصوبن تي اربين ڊالر خرچ ڪيا پيا وڃن. پر پاڪستان ۾ ڪجهه حلقا ڊگهي عرصي کان شڪايت  پڻ ڪري رھيا آھن ته  انهن رٿائن سان پيدا ٿيندڙ روزگار جي موقعن ۽ آمدني ۾ کين مناست حصو  نه ملي رهيو آھي.

گذريل اڱاري تي ڪيل  حملو ان وقت ٿيو جڏهن شدت پسندن ملڪ جي ڏکڻ اولهه ۾ گوادر جي بندرگاهه جنھن کي پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري جو بنياد سمجهيو وڃي ٿو جي ھيڊ آفيس تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. 2019 ۾ هٿياربندن بلوچستان صوبي ۾ هڪ لگزري هوٽل تي حملو ڪيو.جيڪو گوادر بندرگاهه کان عربي سمنڊ تائين هڪ اهم اسٽريٽجڪ رسائي پوائنٽ آھي.ان حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ اٺ ڄڻا مارجي ويا.ان کان اڳ جون 2020 ۾ بلوچ عليحدگي پسندن ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي به نشانو بڻايو ھو. جيڪو ملڪ جو تجارتي مرڪز آهي، جيڪو جزوي طور تي چيني ڪمپنين جي ملڪيت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.