سنڌ حڪومت امن امان ڏانهن ڌيان ڏي

تحرير: بادل ملاح

سنڌ صوبي جي مختلف علائقن خاص طور تي ضلع گھوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين مان 29 کان مٿي بي قصور، جن ۾ خالد ميراڻي، صدرالدين ميراڻي، علي شير، سھراب، مير خان شيخ، صاحبزادو ڀٽي، سونهارو عرف بابر بگٽي، محمد جان، برڪت، بھرام بگٽي، ثناءُ الله شيخ، شعبان، صدرالدين کوسو، ارباب علي چانڊيو، عبدالرافع سميجو، جاويد شرخ، معشوق علي لاشاري، نعيم ٻڇڙ، عبدالواحد، خالد جٽ، عاطف علي  ۽ عاقب علي، اختر علي ۽ اقبال موچي، در محمد گولو، علي داد ڪلوڙ ۽ ٻيا ڌاڙيلن جي چنبي هيٺ آهن، جن کي ڏينهن گذري چُڪا آهن، خطو ئي ڌيڙيلن جي رحم و ڪرم هيٺ آهي، امن جي ڌرتيءَ کي ڏوهاريُن جو راڄ بڻيل آهي. ڌاڙيلن اُنهن مغوين مان هڪ مغوي عبدالرافع سميجو کي ڪُهي ڇڏيو. ڇا ڌوهاري قانون ۽ حُڪومت سنڌ کان مٿانهان ۽ طاقتور آهن، جو سرِ عام نه صرف ڏوھ ڪن ٿا، پر دعوائون ڪري، ڪامورن ۽ حُڪومت کي چيلينج ڪري رهيا آهن.

ايئن لڳي رهيو آهي ڄڻ سنڌ کي هٿ وٺي ڏوهاريُن ۽ ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آهي. جنهن ڪارڻ هر ڏينهن ماڻهو اغويٰ ٿي رهيا آهن. هر هڪ جي اِها راءِ آهي ته سنڌ ڌاڙيلن ۽ ڏوهاريُن جو راڄُ بڻيل آهي، ڇو ته حُڪمران فقط ڪوڙيُون دعوائون ڪري، عوام کي ڪوڙا دلاسا ڏيڻ کان سواءِ ڪُجھ نه پِيا ڪن. جيڪي مغوي بڻيل آهن اُنهن کي به آزاد ڪرائڻ ۾ سنڌ حُڪومت محڪم طور تي ناڪام نظر اچي رهي آهي. عام ماڻهو جو حڪُمرانن تان اعتماد ۽ ويساھ ختم ٿي چُڪو آهي. ٻِيو ته عام ماڻهو کي انصاف ڏيندڙ ادارا به انصاف فراهم ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهن. ٽيون ته حُڪمران جيڪو قانون جوڙين ٿا اُن تي پاڻ ئي عمل نه پِيا ڪنِ. انساني حقن جي ڀڃڪڙي روز جو معمول بڻيل آهي.

سنڌ جي پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ تي مڪمڪ طور ناڪام رهي آهي، اُنهن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن وٽ جديد قسم جا هٿيار موجود آهن ۽ پوليس وٽ پراڻي نظام جا هٿيار آهن، پوليس اُنهن جديد هٿيارن جو مقابلو ڪرڻ جي اهل نه آهي. اِها سنڌ حُڪومت جي ذميواري آهي ته پوليس کي هر قسم جي سهوليت فراهم ڪري، ته جيئن ڏوهاريُن ۽ ڌاڙيلن جو خاتمو آڻڻ لاءِ ٻه قدم اڳتي وڌي ڪري امان و امان قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي. سن جي وڏي وزير صوبي سنڌ جي اندر وڌيڪ پنجويھ هزار پوليس اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سنڌ جي ڪچي واري علائقي مان ڏوهارين کي ختم ڪرڻ ۽ خطي کي ڌاڙيلن کان پاڪ ڪرڻ جا اعلان ڪيا، پر اُنهن اعلانن تي عمل ڪير ڪرائيندو، وڏو وزير! وڏو وزير!! وڏو وزير !!!

سنڌ جي وڏي وزير اربع ڏينهن 13 مارچ 2024ع تي سنڌ ڪابينا جي پهرئين اعلي سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي، چيو ته “ سنڌ مان اغويٰ ٿيلن جي آزاديءَ جي لاءِ هڪ آپريشن شروع ڪيو ويندو، جيڪو ڏوهاريُن ۽ ڌاڙيلن جي خاتمي تائين جاري رهندو، نه صرف مُغويُن کي آزاد ڪرائبو پر مظلومن کي اُنهن جي در تي انصاف فراهم ڪيو ويندو. ايس ايڇ اوز ۽ ايس ايس پيز جي احتساب تائين امن و امان جي صورتحال بهتر نه ٿيندي” وزير داخلا دعويٰ ڪئي ته “ سنڌ جي اندر سوچيل سمجھيل سازش تحٽ واقعا پيش اچن ٿا، ڌاڙيلن جو خاتمو پهرين ترجيح آهي.” ٿيڻ ته ايئن ئي گھُرجي، پر الائي ڇو عوام حُڪمرانن مان مايوس آهي، جو اهڙن فيصلن باوجود به اُميد نه پِيو ڏِسي، ڇو ته ماضِ قريب ۾ اُنهن سان حُڪمرانن جا ڪيل وعدا وفا نه ٿِيا آهن، اِنهيءَ ڪري ماڻهو نااُميد آهن.

سنڌ ڌرتي ڪافي عرصي کان بدامني جي آڙاھ جي ور چڙهيل آهي، ٻهراڙيُن ۾ ڏاڙيل ۽ ڏوهاري راڄُ قائم آهي، اُتي شهرن اندر اسٽريٽ ڪرائيم عروج تي آهي. لاڙڪاڻو توڙي سکر ڊويزن جي مختلف علائقن مان ڪيترائي ماڻهو اغويٰ ٿيل آهن، جيڪي مهينن کان ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم هيٺ آهن. هاڻي نئين قائم ڪيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حُڪومت مان عام ماڻه توڙِي مُغويُن جا مالڪ توڙِ مُغوي آس لڳايو ويٺا آهن ته ڪڏهن ٿي سنڌ حُڪومت قدم کڻي، اُنهن کي آزاد ڪرائي ۽ سنڌ جي ڌرتيي کي ٻيهر امن جو آکيرو بڻائي. حُڪمران ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن هڪُ هفتو نه پر مسلسل آپريشن جاري رکي ۽ پوليس جي اندر موجود ڪاريُن رڍن کي ٻاهر ڪڍي، ڇو ته اُهي ئي ڌاڙيلن ۽ ڏوهاريُن کي اڳواٽ آپريشن جو اطلاع ڏين ٿا ۽ ڏوهاري توڙِي ڌاڙيل پنهنجا اصل ٺڪاڻا تبديل ڪري ٻِين هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري وڃن ٿا ۽ پوليس پاران ڪيل آپريشن ناڪام بڻجي وڃي ٿو. جيڪڏهن عوام کي ريليف ڏيڻو آهي ۽ سنڌ ۾ امن و امان جي صورتحال بهتر رکڻي آهي ته پوءِ ميان محمدنواز شريف جيان صاف ۽ شفاف نيت ۽ پر خلوص عمل سان آپريشن ڪرڻ سنڌ حُڪومت جي ذميوارين ۾ شامل آهي، عوام به اِن مان اِها ئي اُميد رکي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.