خطي جي نازڪ صورتحال ۽  حڪومت جو مستقبل   

تحرير: انور ساجدي

دهشتگرديءَ جو مستقل مسئلو، ڪڏهن ججن جو مسئلو، ڪڏهن عمران خان جو معاملو،مٿان وري ٻھ نمبر چونڊون،سوني تي سھاڳو مولانا جي حڪومت ڊاھڻ  جي ڌمڪي مان ظاهر ٿئي ٿو ته مٿين سطح تي حڪمرانن جي ۾ سنگين اختلاف ھئا جيڪي پنھنجي جاءِ تي موجود آهن ۽ 8 فيبروري جي چونڊن انهن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، ھڪ  بي اختيار ڪمزور حڪومت جنھن جو واحد ڪم بيان جاري ڪرڻ ۽ خوش ڪن اعلان ڪرڻ کانسواءِ ڪجھه بھ نھ آھي.انھن ڪمزورين ۽ خامين جي موجودگيءَ ۾ هي حڪومت ڪيئن هلندي ؟ ملڪ کي جيڪي آئيني، سياسي ۽ معاشي بحران سامھون آھن، تن کي  ڪيئن حل ڪري سگهند ي؟

ڪافي عرصي کان يا عمران خان جي تحريڪ طالبان پاڪستان  سان معاهدي کانپوءِ جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن، پي ڊي ايم جي اڳوڻي توڙي ن ليگ جي ھاڻوڪي حڪومت انھن جي تدارڪ ۾ ناڪام آھي. هڪ هفتي ۾ سي پيڪ  تي ٻھ حملا ٿيا ۽ پنج چيني انجنيئرن جي جان وئي،جيتوڻيڪ ان تي چين جو بيان سفارتي دائري ۾ ھو، پر ان جي ناراضگي فطري ڳالھھ آهي، هر وڏي واقعي کانپوءِ ليڊرن پاران ڪجهھ تيز ۽ تکا بيان اچڻ پراڻي روايت آھي، انڪوائري جو اعلان ڪيو ويندو آهي، ڪجهھ وقت بعد ماڻهو اھو وساري ڇڏيندا آهن. معاملو لئھ مٽي ٿي ويندو آھي۽ حڪمران پنهنجي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويندا آهن.

بظاهر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته حڪمران طبقو گهڻي عرصي کان رياست کي هلائڻ ۾ ناڪام آهي، انهن جي غلط پاليسين ۽ فيصلن رياست کي ڪٿي جو به نه ڇڏيو آهي. جيڪڏهن چئجي ته جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل حميد گل جي لاڳو ڪيل ٻھروپي پرڏيهي پاليسي دنيا جي بدترين پاليسي آهي ته غلط نھ ھوندو.پاڪستان روس ۽ آمريڪا جھڙن هاٿين جي جنگ ۾ ڏيڏر جيان  ٽپو ڏئي پنهنجي تباهيءَ جا بنياد پاڻ رکي ڇڏيا.تازو آمريڪا پنھنجي بيان ۾  اعتراف ڪيو آھي ته افغانستان ۾ سوويت يونين خلاف جنگ ان شروع ڪئي ھئي ۽ پاڪستان کي استعمال ڪيو ھو، جيڪڏهن ان جنگ جي نتيجي ۾ سوويت يونين ٽٽي ويو ته پاڪستان کي ڇا حاصل ٿيو؟ ان جو سمورو فائدو تھ آمريڪا کي مليو.

ان  جي جند ڊگهي سرد جنگ کان ڇٽي وئي. افغان واري وقت جئين تھ آمريڪا ۽ نام نھاد سوشلست رياست چين  هڪ پيج تي هئا، تنهن ڪري پاڪستان لاءِ ڪو مسئلو پئدا نه ٿيو.اھڙي طرح پاڪستان جي خاتمي جي لاءِ

آمريڪا افغانستان تي جيڪو حملو ڪيو،ان تي بھ چين خوش هو، ڇاڪاڻ ته ايسٽرن ترڪستان مومينٽ جا باغي افغانستان ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ هئا. پر هاڻي اها ڳالهه ناهي رهي. چين ۽ آمريڪا عالمي تناظر ۾ هڪ ٻئي جا بدترين دشمن بڻجي ويا آهن، چين نٿو چاهي ته آمريڪا سندس ريجن ۾ بالادستي حاصل ڪري. اهو ئي سبب آهي جو چين طالبان سان لاڳاپا قائم ڪري ورتا آهن ۽ افغانستان جي سمنڊ تائين پهچ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح اھو نٿو چاھي تھ آمريڪا پاڪستان تي پنهنجو اثر رسوخ وڌائي، پر پاڪستان جي مجبوري آهي ته هو آمريڪا جو ساٿ نه ڇڏي، ڇو ته چين تھ قرضن جو سلسلو هاڻي شروع ڪيو آهي جڏهن ته آمريڪا 1950ع کان امداد ڏئي رهيو آهي، پاڪستان جو گهڻو جنگي سامان آمريڪا وٽان ايندو آهي ۽ اصل حقيقت اها آهي ته پاڪستان ٻن عالمي طاقتن جي وچ ۾ سينڊوچ ٿي ويو آهي، ٻنهي سان گڏ هلڻ چاهي ٿو، پر  جلد يا دير سان اهو ممڪن نه ٿيندو.

ان عجيب صورتحال پاڪستان جي خودمختياري کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، ڪجهه سال اڳ جڏهن آمريڪا ايران تي اقتصادي پابنديون لڳايون ڇڏيون ھيون ته دنيا جا اڪثر ملڪ ايران سان ڪاروبار نه ڪندا هئا، پر ڀارت ۽ روس ايران سان ڪاروبار ڪرڻ بند نه ڪيو. ڀارت اڄ به ايران کان تيل خريد ڪري رهيو آهي، ان تي آمريڪا جو دٻاءُ ڪڏهن به نه ھليو آهي، پر پاڪستان جي خودمختاري جي اھا صوتحال آھي جو آمريڪا تازو پاڪستان کي خبردار ڪيو آهي ته اهو ايران گئس پائيپ لائين منصوبي کان پري رهي، ٻي صورت ۾ مٿس اقتصادي پابنديون لڳنديون. جيتوڻيڪ آمريڪي غلام ملڪ عراق تازو ئي  ايران سان گئس خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آھي.

نھ ڄاڻ ڇو آمريڪا سعودي عرب کي بلوچستان جي سامونڊي ڪناري تي ريفائنري لڳائڻ کان بھ روڪي ڇڏيو آهي؟ بظاهر شهباز حڪومت سي پيڪ جي ٻئي مرحلي لاءِ چين سان ڳالهيون ڪري رهي آهي پر موجوده سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ پراجيڪٽ ۽ پرڏيهي سرمايو حاصل ڪرڻ بلڪل ناممڪن نظر اچي رهيو آهي. اهو وقت پري ناهي جڏهن پاڪستان کي چين ۽ آمريڪا مان آخرڪار ڪنهن هڪ کي چونڊڻو پوندو ۽  امڪاني طور تي پاڪستان آمريڪا کي چونڊيندو. پاڪستاني حڪمران چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته چين حڪومتون تبديل ڪرڻ جي سازش ڪرڻ جي صلاحيت نٿو رکي.  جڏهن ته آمريڪا ان جو ماهر ۽ وڏو رانديگر آهي.

تازو ئي هڪ ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا پاڪستان جي ايٽمي هٿيارن ۽ خطي ۾ وڏي فوج جي موجودگيءَ سبب پاڪستان کي ڇڏڻ نٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته ان کي خدشو آهي ته انھن ٻن عنصرن  سبب سڄي خطي ۽ دنيا جو امن خراب ٿي سگھي ٿو. چين واحد ملڪ آهي جنهن پاڪستان جو گھڻو ساٿ ڏنو آھي. انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ هجي يا ائٽمي پروگرام، هر جاءِ تي تعاون ڪيو آهي، چشما جي ھنڌ تي جيڪو ائٽمي پاور پلانٽ ۽ ٻيون سهولتون ٺهي رهيون آهن اهي ان جا چٽا ثبوت آهن.آمريڪا مدد ڪري ٿو پر ان جي ابتڙ. اھو پيرن ۾ ٻيڙيون بھ وجھي ٿو.آمريڪا جي پاليسي سمجھه کان مٿي آهي، ھڪ طرف عمران خان جو الزام آھي تھ سندس تختو آمريڪا اونڌو ڪيو ٻئي پاسي ان باوجود  آمريڪا عمران خان جو ساٿ ڏئي رھيو آھي ۽ مڃي پيو تھ 8 فيبروري جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، ان جي به جاچ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.پتو ناھي تھ اھو ڪھڙو ڊرامو آھي.

روزاني جنگ خبر ڏني آهي ته پاڪستان ۾ ٽرائيڪا جو دور واپس اچي ويو آهي، ملڪ کي ٽي وڏا گڏجي ھلائي رھيا آھن. اها خبر ڪيترين ئي حوالن سان درست نه آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪا بھ ٽرائيڪا نه آهي، اختيار جو هڪ ئي سرچشمو آهي ۽ وقت جي حڪومت، وزيراعظم ۽ صدر سندس ماتحت آهن، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته وزيراعظم کان ھٽي ڪري ٽيم کي ميدان ۾ نه آندو وڃي ها. جنهن جا زنده مثال احد چيما، محسن نقوي ۽ فواد حسن فواد آهن. اھڙي ريت انوارالحق ڪاڪڙ سميت  ڪمپني جا خاص ماڻھون سينيٽ ۾ اچي ويا آھن.

سڀاڻي جيڪڏهن ضرورت پئي ته ڪاڪڙ آسانيءَ سان چيئرمين جي عهدي تي اچي سگهي ٿو ۽ آصف زرداري جي جاءِ تي  قائم مقام صدر بڻجي ڪم ھلائي سگهي ٿو، اهي جيڪي جج پنهنجي بي عزتي تي روئن پيا، انھن کي شڪايت شهباز شريف يا زرداريءَ کان نه پر ڪنهن ٻئي هنڌان آھي، شهباز شريف  ايترو دٻاءُ ۾ آهي جو هو چيف جسٽس سان گڏجي معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ججن جي سخت ڪارروائي مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان جي ڪري هر سطح ۽ هر جاءِ تي سخت اختلاف آهن، حڪمران پاڻ ۾ ورهائجي ويا آهن. ڌانڌلي جي چونڊن ذريعي پنهنجي پسند جي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر مسئلو اهو آهي ته هن حڪومت اڃا ٽيڪ آف نھ ڪري سگھي آهي ۽ نه وري مستقبل ۾ ان جي ھلڻ جو امڪان آھي. يعني هن وقت عدليه ورهايل آهي. قانون سازي ڪندڙ ورهائجي ويا آھن، بيوروڪريسي ورهائجي وئي آھي ۽ پريس مڪمل طور تي پڇ لٽڪائو ٿي چڪي آهي. مٿاهين سطح تي رات جي اونداهي ۾ وڏيون تبديليون  ڪيون ويون آهن، پر معاملا سڌرڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. اھو جيڪو مولانا اوچتو عمران خان سان دشمني ختم ڪري پنهنجي اڳوڻي اتحادين جي حڪومت ڪيرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اھي سکڻيون ڌمڪيون نھ آھن، انھن جي پويان هڪ وڏو گروهه ڪم ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ مولانا کي سندس طاقت مطابق سيٽون ڏنيون ويون آهن،مخصوص سيٽن جي بھ کيس سٺو حصو مليو آهي. ان جي باوجود هن جي ڪاوڙ  پراسرار لڳي ٿي.

جيتري قدر بلوچستان جو تعلق آهي ته اتي ڪافي وقت کان جيڪا تباهي ٿي رھي آھي ۽ ان ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي. اڳي کان موجود انساني الميو ايترو وڌي سگھي ٿو جو ان جو تصور ڪرڻ ممڪن نھ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.