ڌاڙيلن ۽ بدامني تي ڪوٺايل ڪانفرنس جي اهميت ۽ ضرورت

سنڌ جي قومپرستن، کاٻي ڌر جي اڳواڻن، اديبن، دانشورن ۽ صحافين سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، اغوا، ڦرلٽ ۽ وڌندڙ وارداتن کي سنڌ جي ڪچي ۽ پڪي جي زمينن تي قبضي جي سازش قرار ڏيندي چتاءُ ڏنو آهي ته آئيني طور سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار انهن ٽيون ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ عوامي تحريڪ پاران ”سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪرڻ بند ڪريو“ جي عنوان هيٺ ڪوٺايل قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن ساڃاهه وندن زور ڀريو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪيا وڃن، ملڪ جي قومن جا وسيلا ۽ زمينون وڪرو ڪندڙ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جو ادارو ختم ڪيو وڃي. اهي زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ بدران بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن. هنن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن کي هٿي ڏني آهي. انهن اهو به سوال اٿاريو ته ايئر ڪرافٽس گن جهڙا جديد هٿيار ڌاڙيلن وٽ ڪيئن پهتا؟

انهيءَ ڪانفرنس واري رپورٽ سان گڏ ڪالهه جي اخبار ۾ اها به خبر شايع ٿي آهي ته نگران حڪومت ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ عسڪري اداري کي 52 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته ڪنهن به حڪومت لاءِ اتان جي ساڃاهه وندن جي مجموعي راءِ کي نه رڳو خوشيءَ سان ٻڌڻ گهرجي پر ان جو مثبت نموني نوٽيس به وٺڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته حڪومت جو ڪم ئي عوام جي خدمت ڪرڻ آهي. حڪومت جي ڪارڪردگي ڪيئن آهي يا ڪيئن هئڻ گهرجي ان لاءِ ڪنهن به جمهوري حڪومت کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جو ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. پر اسان وٽ اڃان اهڙي روايت پيدا نه ٿي آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته اهڙي ڪانفرنس پاڻ حڪومت ڪرائي ها ۽ ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ بابت سنڌ جي ساڃاهه وندن کان صلاحون وٺي ها پر جيڪڏهن اها پاڻ اهڙو ڪو انتظام نه ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ان کي اهڙين ڪانفرنسن ۾ پاڻ مرادو شرڪت ڪري سنڌ جي ساڃاهه وندن جو موقف ٻڌي ها ۽ انهن جي تجويزن مان رهنمائي حاصل ڪري ها.

ان ڪانفرنس ۾ سنڌ جي سياست تي گهري نظر رکندڙ قومپرست، کاٻي ڌر جا اڳواڻ، اديب دانشور ۽ سينيئر صحافي موجود هيا، جن جي ويچارن کي اسان ماهراڻي راءِ ٿا سمجهون. انهن ڌاڙيلن جي وڌندڙ وارداتن تي هڪ ڇرڪائيندڙ نُڪتو اهو به اٿاريو آهي ته ڌاڙيلن جي وارداتن کي وڌائي، امن امان جي خراب صورتحال پيدا ڪري ماڻهن کي بيزار ڪري اتان لڏائڻ هڪ سازش آهي جنهن جو مقصد سنڌ جي زمينن کي وڪرو ڪرڻ آهي ۽ اهو سڀ ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ جو ڌيان بدامني ڏانهن ڇڪائي پنهنجا مفاد ماڻڻ آهي.

اسان سمجهون ٿا ته ان موقف تي سنڌ سرڪار کي ان احساس وچان پنهنجي پاليسي ظاهر ڪرڻ گهرجي جو اهڙي سازش ۽ ڳڻتي جو اظهار سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين ڪيو آهي. جن جون سنڌ لاءِ وڏيون خدمتون آهن، انهن جي سڀني خدشن ۽ شڪايتن کي ٻڌڻ ۽ انهن جو تدارڪ ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي. حڪومت کي ان ڳالهه جو احساس آهي يا ناهي پر اسان عوامي تحريڪ طرفان ڌاڙيلن ۽ بدامني جي اشو تي ڪوٺايل ان اهم ڪانفرنس جي آجيان ڪيون ٿا ۽ ان کي مبارڪباد ڏيون ٿا جو ان جماعت سنڌ جي تشويش ناڪ صورتحال تي نه رڳو سنڌي عوام ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن جي نمائندگي ڪئي پر اهو به چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن حڪومت ان ڏس ۾ ٺوس قدم نه کنيا ته ان خلاف سخت جدوجهد ڪئي ويندي.

سنڌ واسي ان حوالي سان يقينن خوش نصيب آهن جو ٻرندڙ اشوز تي سنڌ ۽ عوام جي مالڪي ٿيندي رهي آهي. سنڌ جي قومپرست، کاٻي ڌر جي جماعتن، دانشورن، سنڌي ميڊيا سخت مزاحمت ۽ احتجاج ڪندا رهيا آهن. جنهن تي ڪافي ڀيرا حڪومتن کي پنهنجا فيصلا تبديل ڪرڻا پيا آهن. اسان ان حوالي سان قومپرست جماعتن، کاٻي ڌر جي پارٽين، اديبن، دانشورن ۽ سنڌي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪردار کي هميشه واکاڻيو آهي.

عوامي تحريڪ ”سنڌ کي ڌاڙيلن جي حوالي نه ڪريو“ جي سري هيٺ جيڪا ڪانفرنس ڪوٺائي تنهن کي اسان انتهائي وقتائتو ۽ مزاحمتي آواز سمجهون ٿا ۽ حڪومت لاءِ هڪ پيغام سمجهون ٿا ته سنڌ جون ساڃاهه وند ڌريون اوهان جي سنڌ دشمن پاليسين، فيصلن ۽ سازشن تي ڪرڙي نظر رکيون ويٺيون آهن، اهي اوهان کي سنڌ دشمن ڪم ڪرڻ نه ڏينديون، هوڏانهن پ پ جا اڳواڻ به ڪيترن موقعن تي دعوائون ڪندا رهيا آهن ته سنڌ جي حوالي ۾ جيڏا قومپرست اسان آهيون اهڙو ڪير به ناهي. اسان کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن اوهان حڪومت ۾ رهندي واقعي به سنڌ جي حوالي سان قومپرستي ڏيکاريو ۽ ثبوت طور اهي سڀ خدشا ختم ڪري ڏيکاريو جن جي نشاندهي عوامي تحريڪ جي ڪانفرنس ۾ زمينن جي حوالي سان ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.