اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن معزز ججن، جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس اعجاز اسحاق خان، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر کي جدا جدا خط لکيا آهن، جيڪي فل ڪورٽ اجلاس کان اڳ سامهون آيا آهن. انهن خطن ۾ عدالت ۾ شفافيت جي کوٽ ۽ انتظامي عمل تي خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن. جسٽس بابر ستار پنهنجي خط ۾ سخت سوال اٿاريا آهن، جهڙوڪ ڇا هاءِ ڪورٽ جا جج سمجهن ٿا ته هو پنهنجي آئيني ذميواريون نڀائي رهيا آهن؟ ڇا شهري اڃا به ججن کي پنهنجن بنيادي حقن جو محافظ سمجهن ٿا؟ ڇا هاءِ ڪورٽ ضلعي عدليه کي خودمختيار ادارو بڻائڻ لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش ڪئي آهي؟هن چيو ته ڪيس فڪس ڪرڻ ۽ روسٽر تيار ڪرڻ ۾ شفافيت جي شديد کوٽ آهي, سينيئر ججن کي نظرانداز ڪري ايڊيشنل ۽ ٽرانسفر ٿيل ججن کي ڪيس ڏنا پيا وڃن۔ ججن کي ياد رکڻ گهرجي ته هو بادشاهه نه، عوامي آفيسر آهن. مختلف ڪيسن ۾ ڪاز لسٽ جاري ڪرڻ کان به انڪار ڪيو ويو، جيڪو عدليه جي آزاديءَ لاءِ نقصانڪار آهي. اين او سي جي پابندي لڳائڻ سان ججن کي ڄڻ اي سي ايل تي رکيو ويو آهي. جسٽس اعجاز اسحاق خان پڻ اهم خدشا ظاهر ڪندي چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز فل ڪورٽ جي منظوري کانسواءِ گزيٽ ۾ نوٽيفائي ڪيئن ڪيا ويا؟ رولز تي ججن کان راءِ وٺڻ لاءِ مناسب وقت نه ڏنو ويو. فل ڪورٽ اجلاس رڳو هڪ رسم لڳي پيو۔ سينيئر ججن کي انتظامي ڪميٽي کان ڌار رکڻ وارو عمل به ايجنڊا جو حصو هئڻ گهرجي. ججن جي ٻاهر وڃڻ لاءِ اين او سي لازمي ڪرڻ بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي۔
-
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌڙا بندي جو شڪار، 5 ججن جي ڌار گڏجاڻي؟
اسلام آباد (مطيع الله جان/عديل سرفراز) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فل ڪورٽ اجلاس دوران ججن جي وچ ۾ اختلاف سامهون اچي ويا. رجسٽرار موجب 11 ججن مان سڀني اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پر ذريعن موجب پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز تي ووٽنگ دوران 6 ججن حمايت ڪئي جڏهن ته 5 ججن اختلاف ڪندي واڪ آئوٽ ڪري ڌار گڏجاڻي ڪئي. ذريعن موجب ڌار گڏجاڻي سينيئر پيوني جج جسٽس محسن اختر ڪياني جي چيمبر ۾ ٿي، جنهن ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس ثمن رفعت، جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قانونن بابت اختلاف اڳ ۾ لکيل خطن سبب به پيدا ٿيا هئا. چيف جسٽس سرفراز ڊوگر طرفان رولز هڪ ووٽ جي اڪثريت سان منظور ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويندو پر 5 جج موقف اختيار ڪندا ته هو ڪارروائي جو حصو نه هئا. هاڻي سوال اهو آهي ته اجلاس جي منٽس تي صحيحون سڀ جج ڪندا يا نه، جنهن سان صورتحال واضح ٿيندي. هاءِ ڪورٽ جهڙي اهم اداري ۾ ججن جي ڌڙابندي نه رڳو ڳڻتي جوڳي آهي پر ان سان عدليه جي وقار تي به سوال اٿيا آهن پر ان ۾ جيترو ڪردار قاضي فائز جو آهي اوترو جسٽس سرفراز ڊوگر جو ناهي. اهو معاملو 6 ججن جي خط کان شروع ٿيو هو. ڌار گڏجاڻي ڪندڙ ججن ضرور ڪا حڪمت عملي طئي ڪئي هوندي ۽ ڪو رد عمل ايندو، مونجهاري کي ختم به ٿيڻ گهرجي.
-
ججن جي خطن مان ظاهر ٿيو ته عدليا رياست سان وفاداري پئي نڀائي
اسلام آباد (اسد طور) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن معزز ججن جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان چيف جسٽس سرفراز ڊوگر خلاف ٻه ڌار ڌار خط لکي سخت الزام لڳايا آهن. ٻنهي ججن خطن ۾ ٻڌايو آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ شفافيت ختم ٿي چڪي آهي ۽ عدليه هاڻي رياست جي ڪنٽرول هيٺ اچي وئي آهي. جسٽس بابر ستار پنهنجي 4 صفحن واري خط ۾ الزام هنيو آهي ته ڪيسن جي ورهاست ۾ سينيئر ججن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، روسٽر تياري ۾ شفافيت ناهي، ۽ ججن کي اين او سي ذريعي پرڏيهه وڃڻ کان به روڪيو پيو وڃي. خط مان ائين لڳي ٿو ته طاقت ۽ اختيار ججن کي بادشاهه نه پر عوامي آفيسر هجڻ جي ياد ڏيارڻ گهرجي، پر افسوس عدليه جي آزادي متاثر ٿي رهي آهي. ساڳي وقت جسٽس اعجاز اسحاق خان ٻن صفحن جي خط ۾ لکيو ته فل ڪورٽ ميٽنگ رڳو چيف جسٽس جي خواهش تي نه گهرائجي، پر اهم آئيني معاملن لاءِ ٿيندي آهي. هن اعتراض ڪيو ته ڪميٽين مان سينيئر ججن کي ڪڍي جونيئر ججن کي آندو ويو، جيڪو غير منصفاڻي عمل آهي. خطن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا جج وڏي پگهار ۽ مراعتون وٺي به انصاف بدران رياست جي وفاداري پيا نڀائن، جنهن سان شهري پنهنجن بنيادي حقن کان محروم ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن اهڙي عمل سان عدليه ڪمزور ٿي وئي ته ملڪ ۾ جمهوريت جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو.