عمران خان بلڪل ٺيڪ آهي، ڪجهه ٿيو ته اڳيان هونداسين: عليما خان

لاهور(بيورو) پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته عمران خان جي صحت بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙيون پيون وڃن، لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالهه عمران خان سان ملاقات طئي هئي پر ملاقات نه ڪرائي وئي، پر بئريسٽر گوهر جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿي آهي، عمران خان جو طبي معائنو سندس پنهنجن ڊاڪٽرن جي موجودگي ۾ ٿيڻ گهرجي، ڇو ته موجودا ماڻهن جي ارادن تي اسان کي يقين ناهي، عمران خان بلڪل ٺيڪ آهي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ڦهلايون پيون وڃن، جيڪڏهن عمران خان کي ٿورو به ڪجهه ٿيو ته سڀ کان پهريان سندس ڪٽنب اڳيان هوندو.

  1. لاهور  ۾ اينٽي ڪرپشن جي ڪارروائي، نجي اسڪيم جو مالڪ گرفتار

لاهور (بيورو) لاهور ۾ پنجاب جي اينٽي ڪرپشن کاتي طرفان غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمز خلاف وڏي مهم شروع ڪئي وئي آهي ۽ هڪ نجي هائوسنگ اسڪيم جي مالڪ  کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن سهيل ظفر چٺا چيو ته ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ غيرقانوني اسڪيمز خلاف سخت قدم کنيا ويا آهن، جڏهن ته روڊا ۽ ايل ڊي اي کي سمن جاري ڪري رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي،راوي درياهه جي ڪنارن تي ٺهيل اسڪيمز جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي، ڊي جي موجب ٺوڪر ڀرسان هزارين ايڪڙ تي ٺهيل هڪ وڏي غيرقانوني هائوسنگ اسڪيم جي مالڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن تي 8 ارب رپيا دبئي منتقل ڪرڻ جو الزام آهي، جڏهن ته ايل ڊي اي آفيسرن جي ملوث هجڻ جا ثبوت به مليا آهن، سهيل ظفر چٺا وڌيڪ ٻڌايو ته جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي ۽ سادن ماڻهن کي غيرقانوني اسڪيمز ۾ لڳايل پئسا واپس ڏياريا ويندا، هن چيو ته وزيراعليٰ مريم نواز جو ويزن آهي ته ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

  1. ڦهلڏيون ڀرسان عورت جو تشدد ٿيل لاش شاخ مان هٿ

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ڦلهڏيون لڳ منگهڻ موڙ تي مٺڙائو ڪئنال جي ڏھروڙو ريگوليٽر جي پلي شاخ مان نامعلوم عورت جو تشدد ٿيل ڪپڙن کان آجي حالت ۾  لڙھيل لاش پھتو جيڪو سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ شاخ ۾ ڪجھ دير ڦاٿل رهڻ بعد لاش سنڌڙي ٿاڻي جي حد ڪراس ڪري ڦلھڏيون ٿاڻي جي حد ۾ داخل ٿي ويو، سنڌڙي ٿاڻي جي حد ڪراس ڪرڻ تي ٿاڻي وارن ڦلھڏيون ٿاڻي جي کي اطلاع ڪيو جنهن بعد ڦلھڏيون پوليس لاش جي ڳولا ۾ نڪتل آهي پوليس ذريعن وٽان معلوم ٿيو ته لاش هڪ عورت جو آهي  لاش  جون ٽنگون ٻانهون ۽ ڪنڌ ڪپيل آهي    پوليس موجب اسان کي ڏھروڙو ريگوليٽر وٽ مقامي ماڻھن ڪنڌ، ٽانگون، ٻانھون ڪپيل عورت جو لاش ڏسي اطلاع ڏنو اسان پھتاسين ته اسان جي پهچڻ کان اڳ لاش پلي شاخ جي گيٽن مان ڪراس ڪري لاش ڦلھڏيون ٿاڻي جي حد ۾ داخل ٿي ويو آھي ٻئي طرف  اطلاع تي  ڦلھڏيون پوليس پلي شاخ تي پهچي لاش جي ڳولاھ ۾ نڪتل آھي آخري اطلاعن تائين لاش  شاخ مان ڪڍجي نه سگهيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.