ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت عيد ميلادالنبي صه تي ٻه ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جمعي 5 ۽ ڇنڇر 6 سيپٽمبر تي سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ عام موڪل هوندي، نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ 5 ۽ 6 سيپٽمبر تي تعليمي ادارا ۽ آفيسون بند رهنديون.