سنڌو درياهه ۾ چاڙهه، ڪچو ٻڏل، گهر ڪرڻ لڳا، ٻارڙي فوت

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان)سنڌو درياھ ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار، ڪچي جي ڪيترن ئي ڳوٺ ۾ درياھ جو پاڻي داخل ٿي ويو، سکر جي ڪچي واري علائقن ۾ پاڻي سبب مختلف خطرناڪ بيماريون پکڙجڻ لڳيون، ان سلسلي ۾ صوبائي رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل ۽ سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل درياهن ۽ بئراجن ۾ پاڻي جي صورتحال بابت ٻڌايو ويو آهي ته موجوده وهڪرن ۾ لاڳيتو تبديليون اچي رهيون آهن، گڊو بئراج تي پاڻي ۾ گهٽتائي جو رجحان برقرار آهي، جتي 385055 ڪيوسڪ پاڻي پهتو۽ 356834 ڪيوسڪ جو نيڪال رڪارڊ ڪيو ويو، سکر بئراج تي 499850 ڪيوسڪ پاڻي پهتو، پاڻي جو نيڪال 446470 ڪيوسڪ نوٽ ڪيو ويو، سکر جي ڪچي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل آهي، علائقي واسين الزام هنيو آهي ته مختلف مدن ۾ ڪم ڏيکاري، فنڊن جي وڏي رقم غيرشفاف طريقي سان استعمال ڪئي وئي، جڏهن ته عملي سهولت ۽ طبي سهارو متاثر ماڻهن کي نه ملي سگهيو آهي، جڏهن ته سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ وڏي ٻوڏ واري صورتحال ظاهر ڪئي وئي، دادو سيوهڻ کان ڄامشورو تائين ڪچي جا سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، ضلعي انتظاميه طرفان اڻپورا انتظام هجڻ سبب ڪچي ۾ آباد هزارين انسان چوپائي مال سميت پنهنجي مدد پاڻ تحت آر بي او ڊي سم نالي ڪپرن ۽ انڊس هاءِ وي ڀرسان دربدري جو شڪار آهن جڏهن ته صوبائي وزير آبپاشي ۽ ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم جي فوڪل پرسن جي هدايتن تي حيدرآباد، ڄامشورو، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان ۽ سجاول ضلعن جي انتظاميه طرفان ڪوٽڙي بئراج سميت مختلف هنڌن تي ڪنٽرول روم ۽ حفاظتي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن ان ڏس ۾ آبپاشي کاتي ڪوٽڙي بئراج جي ڪنٽرول روم وٽان ورتل ڄاڻ موجب پنجاب جي مختلف دريائن جو سنڌو درياهه ۾ ڇڏيل پاڻي گڊو ۽ سکر بئراج جا ڪچي وارا علائقه ٻوڙيندو ڪوٽڙي بئراج طرف روان دوان آهي ۽ اڄ ڇنڇر ڏهاڙي ساڍا 4 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي ڪوٽڙي بئراج وٽ پهچڻ سبب وڏي ٻوڏ واري صورتحال جو امڪان آهي پر خطري واري ڪابه ڳالھ نه آهي، رابطو ڪرڻ ڪوٽڙي بئراج جي ايگزيڪيٽو انجنيئر طارق احمد عرساڻي ٻڌايو ته صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف خان شورو جي مليل هدايتن تي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ مختلف هنڌن تي بندن وٽ حفاظتي ڪيمپون قائم ڪري اتي ملازم الرٽ ڪرڻ سن گڏ گاڏيون، مشينري، دوائون ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان پهچايو ويو آهي ، ٻئي پاسي دادو جي ڪچي جي علائقي ڳوٺ دانو چانڊيو ۾ سيلابي صورتحال انتهائي سنگين شڪل اختيار ڪري وئي آهي. دانو چانڊيو ڳوٺ ۾ راحب چانڊيو جي 4 مهينن جي معصوم نينگري ڪچي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ملبي هيٺ دٻجي فوت ٿي وئي، علائقي واسين موجب هر طرف پاڻي هئڻ سبب ڪچا گهر ڪرڻ لڳا آهن ۽ حالتون ڏينهن گذرڻ سان وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن، متاثر خاندانن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا انتظاميه کي ٻيڙيون ڏيڻ لاءِ چيو ويو پر اڃا تائين ڪنهن به قسم جي سهولت فراهم نه ٿي ان ڪري مجبورن گهرن ۾ ئي تسيل رهياسين فوتي نينگريءَ جي تدفين لاءِ به ڪو خاص بندوبست نه ٿي سگهيو، متاثرن جو چوڻ آهي ته عورتون ۽ ٻار سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن، ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ محدود ٿي ويٺا آهن ۽ زندگيون خطري ۾ آهن، جڏهن ته ڪا به ريسڪيو ٽيم يا سرڪاري امدادي رسائي اڃا تائين ممڪن نه ٿي سگهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.