ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ بلن ۾ ايم يو سي ٽي ٽيڪس ۾ واڌ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته گذريل سال عدالت مشروط طور ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، پر ميئر مرتضيٰ وهاب ڪائونسل جي منظوري ۽ مشاورت کانسواءِ 150 سيڪڙو تائين غير قانوني واڌ ڪئي. جسٽس اقبال ڪلهوڙي رمارڪس ڏنا ته اڳي به اها درخواست اڪلائي وئي هئي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته عدالتي حڪمن تي مڪمل عمل نه ٿيڻ تي نئين درخواست آندي وئي آهي. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 4 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.