ٽنڊو آدم ڀرسان معمولي ڳالهه تان پيرسن قتل

ٽنڊوآدم(رپورٽ: گلشير سمون) ٽنڊوآدم ڀرسان معمولي ڳالھھ تان مبينا طور پيرسن قتل، جوابدار گرفتار، ڪيس داخل نه ٿيو رپورٽ موجب ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد لاشاري ۾ معمولي ڳالھ تان جوابدار قمبر لاشاري مبينا طور پسٽل سان فائر ڪري 56 ورهين جي احمد لاشاري کي قتل ڪري فرار ٿي ويو، لاش 3 ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش تعلقي اسپتال ٽنڊو آدم آندو جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس ذريعن موجب مقتول جوابدار جو ويجهو مائٽ هو معمولي ڳالھ تان جهيڙي بعد جوابدار  مڇرجي پيرسن کي پسٽل جو فائر ڪري قتل ڪيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي پر سندس گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل جوابدار ڌر جو چوڻ آھي ته اسان قتل ۾ ملوث ناهيون شادي تقريب دوران اتفاقي واقعي ۾ پيرسن فوت ٿيو آھي  پوليس موجب وارث ايندا ته سندن مرضي موجب ڪيس داخل ڪنداسين جاچ ڪريون پيا ته واقعي جا ڪهڙا ڪارڻ آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.