پاڻي گهٽ ٿئي پيو، بندن جي صورتحال بهتر آهي\فخر الزمان

ڏيرولعل وليج (رپورٽ: معشوق علي قمبراڻي) سکر ۽ گڊو وٽان پاڻي لھي پيو، مٽياري ضلعي جي بندن جي صورتحال بهتر آهي، مٽياري ضلع ي۾ ڀاڻوٺ پوائنٽ جي نازڪ حالت ھئي جيڪا بھتر ٿي وئي آھي ، سنڌ حڪومت جي ترجمان ايم پي اي مٽياري مخدوم فخر الزمان کنڊو ۽ ڪلياڻ بندن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سکر ۽ گڊو وٽان پاڻي لھي پيو، مٽياري ضلعي جي ڀاڻوٺ پوائنٽ جي نازڪ حالت ھئي جيڪا پڻ صوبائي وزيرن سيد ناصر شاھ ۽ ڄام خان شوري سان گڏجي دورو ڪيو جنھن کانپوءِ مرمتي ڪم ٿيڻ سان بھتر پوزيشن ۾ آھي، مٽياري جي حفاظتي بندن جو دورو ڪندا رھون ٿا اسان جي ٽيم روز جي بنياد تي حفاظتي بندن تي موجود ھوندي آھي، الحمدلله مٽياري جي بندن جي صورتحال بهتر آهي، انتظاميا پاران مختلف رليف ڪئپپون قائم ڪري متاثرين کي ھيلٿ سميت ٻيون صحولتون ڏنيون پيون وڃن، ان کان علاوه لائيو اسٽاڪ طرفان پڻ چوپائي مال کي ويڪسين ۽ ٻيون سھولتون مھيا ٿي رھيون آهن، مٽياري سميت ضلعي اندر امن امان جي صورتحال بھتر نه آهي، مٽياري جي نئين ايس ايس پي کي اڃان ٻه ٽي ڏينهن ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.