پني عاقل جرڳي جو ايس ايس پي سکر نوٽيس ورتو، ايس ايڇ او تبديل

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) دبر ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنھن تڪرار جو جرڳو گھراڻي اٺن سالن جي نياڻي ڏنڊ طور سڱ چٺي ۾ ڀري ڏيڻ ۽ نينگري جو نڪاح پڙهائڻ جي فيصلي ڏيڻ جي معاملي تي جرڳي ذريعي سڱ چٽي رکي ٻارڙي جو نڪاح ڪرائڻ جي خبر عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ بعد ايس پي سکر نوٽيس وٺي ڇڏيو، ايس ايڇ او تبديل، نئين آيل ايس او به جرڳائي ڀوتارن خلاف  ڪارروائي نه ڪئي، پنوعاقل ڀرسان دبر ٿاڻي جي حد ڳوٺ لشڪري جاگيراڻي ۾ پراڻي ڪارنھن تڪرار جو قادر بخش جاگيراڻي جي سرپئنچي هيٺ جاگيراڻي برادري جي تڪراري ڌرين قدرت الله ۽ صدر الدين جاگيراڻي جي ڌرين جو جرڳو گھرايو ويو ھو جنھن ۾ جرڳائي ڀوتار قادر بخش جاگيراڻي ڪارنھن الزام هيٺ آيل ڌر قدرت الله جاگيراڻي جي اٺن سالن جي ڌيءَ شاھده کي سڱ چٽي ۾ ڪارنھن الزام ھڻندڙ صدر الدين جاگيراڻي جي پٽ کي پرڻائي ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو هو ۽ فيصلي ٻڌاڻ بعد ان موقعي تي ئي نينگري جو نڪاح به پڙهايو ويو ھو ،  ان معاملي جي خبر عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ بعد ايس پي سکر نوٽيس وٺي ايس ايڇ او دبر کي ھٽائي ڇڏيو ۽ سندس جي جاءِ تي علي بخش شر کي ايس ايڇ او مقرر ڪري ڇڏيو، نئين مقرر ايس ايڇ او به ڀوتار توڙي ڌرين سميت جرڳي ۾ شامل ٿيندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي .

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.