شڪارپور جو معصوم ٻارڙو مهربان ڀٽي آزاد نه ٿيو، گهر ۾ روڄ

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي ) شڪارپور جي 7 سالن جي معصوم ٻارڙي مھربان ڀٽيءَ کي زمين ڳھي  وئي يا آسمان کائي  ويو، 8ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس آزاد نه ڪرائي سگهي، مغوي جي گهر ۾ قهرام متل آهي، گذريل اٺ ڏينهن کان شڪارپور شھر جي لکي در ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙو مھربان ڀٽي ھن مھل تائين ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل آهي، ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کان 50 لک رپيا گهريا هئا، ايس ايس پي شڪارپور به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو، معصوم نينگر جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، جي يو آءِ اڳواڻ امير علي خان جتوئي ۽ مولانا عبدالله مھر وارثن وٽ پھچي آٿت ڏني ۽ مولانا عبدالله مھر ايس ايس پي سان ملاقات ڪري کيس بازياب ڪرائي ڏيڻ جي گھر ڪئي ھئي جڏھن ته شڪارپور شھر مان چونڊيل پ پ پ ايم اين اي ۽ اڳوڻو صوبائي وزير محمد شھريار خان مھر وارثن وٽ پھچي آٿت ڏيڻ سوا ھن مھل تائين ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع نه ٿي سگھيو، مغوي جي وارثن طرفان ٻارڙي جي آزادي جي گهر ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.