ڳوٺ وڏا سمنگ واقعو، شڪ هيٺ ڏيکاريل گهر خالي ڪري ويا

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ۾ 3 معصوم ٻارڙن جي پراسرار طور فوت ٿيڻ واري ڏکوئيندڙ واقعي سبب ڏک جي لهر برقرار پوليس  تشدد جي تصديق ٿيڻ باوجود تحرڪ نه ورتو شڪ هيٺ ڏيکاريل گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا ڪيس به داخل نه ٿيو ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آھي ته خيرپور جي وڏا سمنگ جي موڙ شيخ پاڙي ۾ پيتيءَ مان تشدد ٿيل معصوم مهناز مدد علي عارف شيخ جي هٿ آيل لاشن جي ڊاڪٽرن پاران تشدد جي تصديق ڪرڻ باوجود پوليس تحرڪ نه ورتو آهي ۽ نه ئي پوليس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته وارثن پاران شڪ ڏيکاريل انعام شيخ ڪراڙو شيخ جميل شيخ گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن جڏهن واقعي سبب ڪهرام ۽ ڏک جي صورتحال برقرار آهي وارثن موجب بي سيڪشن پوليس سنجيدگي مظاهرو نه پئي ڪري اسان جي معصومن جا خون لوڙهڻ چاهي پئي ھنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سکر سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.