راڻيپور/ ڪوٽڏيجي (رپورٽ: فياض حسين راڄپر/ ثناءُ الله بگٽي) راڻيپور ۾ دوستن سان گڏ درگاھ سچل سرمست جي ميلي تي آيل نوجوان شاھد علي خاصخيلي سيني ۾ گولي لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، پوليس شڪ جي بنياد تي فوتي جي 4 دوستن کي گرفتار ڪري ورتو، ٽنڊومستي جو رھواسي 17 سالن جو نوجوان کي سندس دوست جي پسٽل مان مبينا طور تي گولي لڳڻ سبب نوجوان شاھد علي خاصخيلي شديد زخمي ٿي پيو جنھن کي شديد زخمي حالت ۾ راڻي پور اسپتال آندو ويو جتان کيس گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان پنھنجن دوستن سان گڏ ٽنڊومستي کان درگاھ سچل سرمست جو ميلو گهمڻ لاءِ آيل هئا ته اوچتو دوست عامر مري جي پسٽل مان گولي سندس جي سيني ۾ لڳي هئي جنھن بعد پوليس شڪ جي بنياد تي مارجي ويلنوجوان جي چئن دوستن عامر مري، فرحان سيال، عاشق خاصخيلي حسني سهتو کي گرفتار ڪري ورتو جن وٽان پسٽل پڻ هٿ آيو، انهن کان وڌيڪ جاچ ڪري رهي، ٻئي پاسي لاش جي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا، جڏھن ته نوجوان جون آخري رسمون سندس اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪيون ويون، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.