ڌاٻيجي (ن ع آ) ٽي ڏينهن اڳ گهارو مان 7 سالن جي نينگري نبيلا جوکيو کي اغواڪندڙن جوابدارجو پوليس پتو لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جوابدار جي ساڪرو شهر واسي رفيق خاصخيلي طور سڃاڻپ ٿي وئي، معصوم نينگريءَ جي اغوا بعد ايس ايس پي جي جوڙيل جاچ ٽيم جديد ٽيڪنالوجي ذريعي جوابدارجي سڃاڻپ ساڪرو واسي رفيق خاصخيلي طورظاهر ٿيڻ بعد سي آئي ٺٽوجي انچارج ممتاز بروهي.ايس ايڇ او گهارو اصغرتنيو، ايس ايچ او ساڪرو نفريءَ ساڻ ڪري رات ڌير سان ساڪروشھر ۾ جوابدارجي گهر تي ڇاپو هينو پر مُک جوابدار رفيق خاصخيلي گهر ۾ موجود نه ھجڻ تي پوليس سندس ٻن ڀائرن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، 3 ڏينهن اڳ گهارو شهر جي ڀٽي رائيس مل ڀرسان رهندڙ شاهنواز جوکيو جي نينگري نبيلا کي جوابدار اغوا بعد 12 ڪلاڪن بعد نينگري کي ڇڏيو ويو هو.