ڌاڙيلن کي جديد هٿيار پهچڻ جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي ڪميشن جوڙيو: : قومي ڪانفرنس

حيدرآباد: سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪرڻ بند ڪريو جي عنوان سان عوامي تحريڪ طرفان منعقد ڪيل ڪانفرنس ۾ ٺهراءَ پاس ڪندي چيو ويو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ ھڪڙي مڪمل رٿابندي ۽ منصوبابندي سان سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي جديد ھٿيار ڏئي مچائي مواڙ ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ تيار ڪيل ڌاڙيلن کي خاتمو آندو وڃي. سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ قبيلائي ۽ ڌاڙيل دھشتگردي کي عروج تي پھچائيندڙن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن, سنڌ ۾ ڌاڙيل بنا ڪنھن رڪاوٽ جي معصوم ماڻھن کي اغوا ڪن ٿا, ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل به ڪري رهيا آهن، سوين گھرن ۾ ماتم برپا آهي. موٽروي کان ويندي ننڍن ننڍن لنڪ روڊن تائين هر هنڌ ڌاڙيل, چور ۽ ڦورو بي خوف ٿي وارداتون ڪن ٿا, هاڻ اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي, ڌاڙيلن طرفان ماڻھن کي اغوا ڪري ڪروڙين روپيا ڀنگ وٺڻ واري ڪاروبار کي ٻنجو ڏنو وڃي ۽ اھو ڪُڌو انسان دشمن ڪاروبار ڪندڙ پاٿاريدارن، سردارن، پوليس، انتظاميا ۽ حڪمرانن جي طرفان سھولتڪاري ۾ ملوث عوام دشمن ڪردارن کي وائکو ڪيو وڃي, ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن ڪرڻ جي اعلانن کي فوٽو سيشن تائين محدود ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ آپريشن جي نالي ۾ ڪروڙين روپيا منظور ڪري ھڙپ ڪرڻ بند ڪيا وڃن. سال 2023ع ۾ سنڌ حڪومت ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ 2 ارب 80 ڪروڙ روپيا سنڌ پوليس کي جاري ڪيا، ان جي باوجود ڌاڙيلن جو خاتمو نه ٿيو جنھن مان لڳي ٿو ته اھي پيسا ڪرپشن ڪري ھڙپ ڪيا ويا. سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ سنڌ جي نگران سرڪار جي دور ۾ آپريشن جو اعلان ڪيو ويو ان سلسلي ۾ 3 هزار کان وڌيڪ رينجرس اهلڪارن ۽ 200 موبائلز فليگ مارچ ڪيو. پر ان آپريشن بعد ڌاڙيلن جو خاتمو ٿيڻ بدران ڌاڙيل اڃا به وڌيڪ طاقتور ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ڪيئن پهچن ٿا؟  وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جا حڪمران ٻڌائين ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي جديد ھٿيار پھچائيندڙ ڪير آھن؟ ڌاڙيلن کي انھن جديد ھٿيارن ھلائڻ جي ٽريننگ ڪير ٿو ڏي؟. ڌاڙيلن ۽ ان جي سھولتڪارن خلاف سخت آپريشن ڪري انھن جو ھميشه لاءِ خاتمو ڇو نٿو ڪيو وڃي. ڌاڙيلن کي جديد ھٿيار پھچائيندڙن ۽ انھن جي سھولتڪاري ۽ سرپرستي ڪندڙن جو تعين ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل اعليٰ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ ملوث آفيسرن، سردارن ۽ سھولتڪارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. پريا ڪماري سميت ڌاڙيلن وٽ قيد سمورن معصوم بيگناه شهرين کي فوري طور بازياب ڪرائڻ لاءِ جلد کان جلد عملي اپاءُ ورتا وڃن. پوليس کاتي مان نااھل، سفارشي، ڪرپٽ ۽ راشي آفيسرن کي نيڪالي ڏئي ايماندار آفيسر مقرر ڪري پوليس کاتي ۾ سڌارا آڻڻ سان گڏ جديد ھٿيار، بڪتر بند گاڏيون ۽ ٻيون ضروري سھولتون ڏئي ڌاڙيلن خلاف موثر آپريشن ڪيو وڃي. پوليس جي سپاهين جي پگهار وڌائي شهر کان ٻاهر ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس اهلڪارن کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. پوليس ڪانسٽيبل کي ڊيوٽي جي مناسبت سان بنا ڪنھن رشوت ۽ سفارش جي ٽرانسپورٽ الائونس به ڏنا وڃن. گذريل 15 سالن دوران سنڌ جي ڪچي ۾ آپريشن جي نالي ۾ ڪيترا پئسا منظور ڪيا ويا اھي ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ڪيا ويا, آئين جي آرٽيڪل 19 اي تحت انهن جا تفصيل سموري سنڌي عوام اڳيان پڌرا ڪيا وڃن. تعليم جي پيشي سان لاڳاپيل استاد الله رکيو نندواڻي، اجمل ساوند ۽ صحافي جان محمد مهر سميت ڌاڙيلن ھٿان شھيد ٿيندڙ سپاھين جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏئي عبرت جو نشانو بنايو وڃي. ڌاڙيلن هٿان بي دردي سان قتل ڪيل اجمل ساوند ۽ استاد الله رکيو نندواڻي جي نالن سان اعليٰ تعليمي ادارا جوڙيا وڃن.رعي سڌارا ڪري زمين بي زمين هارين ۽ هارياڻين ۾ ورهائي وڃي. ۽ جاگيرداري ختم ڪئي وڃي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليم، صحت روزگار ۽ رڊ رستن جون بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن. ارسا ايڪٽ ترميم نگران وفاقي سرڪار جو غير آئيني عمل آهي،  غير آئيني ارسا ايڪٽ ترميم واپس ورتي وڃي. حد ملڪيت نهري زمين 25 ايڪڙ ۽ باراني زمين 50 ايڪڙ يا 800 ايڪڙ مقرر ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.