ڌاڙيل راڄ سنڌ تي قبضي جي سازش قرار، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي والار شروع ٿي چڪي آهي

حيدرآباد(رپورٽر) قومپرستن, کاٻي ڌر جي اڳواڻن, اديبن, دانشورن ۽ ليکڪن, سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ, اغوا, ڦرلٽ ۽ وڌندڙ وارداتن کي سنڌ جي پڪي ۽ ڪچي جي  زمينن تي قبضي جي سازش قرار ڏيندي چتاء ڏنو آهي ته آئيني طور تي سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي, جيڪڏهن اغوا, قتل, ڌاڙن ۽ ڦرلٽ جهڙيون وارداتون بند نه ٿيون ته سنڌ  حڪومت خلاف سخت عوامي جدوجهد شروع ڪئي ويندي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪيا وڃن. ملڪ جي قومن جا وسيلا ۽ زمينون وڪرو ڪندڙ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جو ادارو ختم ڪيو وڃي.  اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ عوامي تحريڪ پاران "سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪرڻ بند ڪريو” جي عنوان هيٺ ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار  خطاب ڪندي چيو ته ملڪ تي 76 سالن کان قبضو ڪيو ويو آھي، پاليسي جوڙيندڙن جي ناڪام پرڏيھي پاليسي جي ڪري عالمي تضادن جي نتيجي ۾ اسان سان وڙھن سان ۽ لتاڙجن ٻوڙا واري حالت آھي. ھن چيو ته حڪمرانن ھٿ سان ڌاڙيل پيدا ڪري سنڌ کي خوف ۾ مبتلا ڪيو آھي، اسان کي ان خوف کي ٽوڙڻو پوندو. اڄ سنڌ جي وجود جو سوال آھي جي سنڌ ھٿن مان وئي ته وري نه ملندي. ھن چيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي قبضا ٿي رھيا آھن ۽ سنڌو درياھه کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي، سنڌ ۽ ان جا وسيلا بچائڻ لاءِ اسان کي گڏيل جدوجھد ڪرڻ گھرجي. ھن جدوجھد جي ٻئي مرحلي جو اعلان ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڏوھارين ھٿان شھيد ۽ اغوا ٿيندڙ نياڻين ۽ عام ماڻھن جون ڪارن جھنڊن سان گڏ تصويرون کڻي حيدرچوڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين پرامن احتجاج ڪري سنڌ ۽ وفاقي حڪومت تي واضع ڪنداسين تہ اوھان اسان جي سنڌ کي مقتل گاھه بڻائي ڇڏيو آھي, اسين وڌيڪ ظلم برداشت نه ڪنداسين. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھه چيو ته پوليس ۽ مدد طور رينجرس ھوندي به سنڌ ۾ اغوا ۽ قتل جون وارداتون ٿي رھيون آھن, سردارن سان گڏ چونڊيل نمائندا به ڌاڙيل ۽ ڪرپٽ پوليس اهلڪار پالين ٿا. ھن چيو ته بليڪ مارڪيٽنگ جي ذريعي دھشتگردن سان گڏ ڌاڙيلن تائين به جديد ھٿيار پھتا آھن، جنھن سان ھٿ وٺي سنڌ جو امن تباھه ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي قبضي جي رٿابندي ڪئي وئي آھي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي سنڌ جي زمينن تي والار جي ابتدا ٿي چڪي آھي, اڄ سنڌ جو قومي وجود خطري ۾ آھي. ھن چيو ته جن وٽ اقتدار ۽ اختيار آھن ڏوھه به انھن شروع ڪرايا آھن ۽ بند به اھي ئي ڪرائي سگھن ٿا. ھن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي ماڻھن کي امن ڏئي پنھنجي ذميواري پوري ڪري، نه ته استعيفيٰ ڏئي. عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلھي چيو ته ھي رياست پنھنجن ئي ھٿن سان پاڻ کي کائي رھي آھي، ھو سياسي ڪارڪن ڳولي مارين ٿا پر ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناھن. ھن چيو ته جاگيرداري نظام ختم ڪري زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ بدران بي زمين ھارين ۾ ورھائي وڃي. عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي صدر لال شاھه چيو ته اقتداري ڌريون ڌاڙيلن ذريعي سنڌ جي سياسي مزاحمت کي ڪچلڻ چاھين ٿيون ۽ پيپلزپارٽي جي سرڪار انھن لاءِ سھولتڪار بڻيل آھي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته اسٽيبلشمينٽ ٻن حصن ۾ ورھائجي چڪي آھي, تنھن ڪري رياست ڪيترن ئي تضادن جو شڪار ٿي وئي آھي. ھن چيو ته ڌاڙيل ڪنھن به طاقتور ڌر جو نه ماڻھو اغوا ڪن ٿا ۽ نه ئي قتل ڪن ٿا، ڏوھارين جو شڪار رڳو مڊل ڪلاس، ھاري ۽ پورھيت ٿي رھيو آھي. نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جي صدر تاج مري چيو ته رياست تي اسٽيبلشمينٽ جو قبضو آھي، ڌاڙيل به انھن جا ئي پيدا ڪيل آھن. ھن چيو ته ڌاڙيلن کي پيدا ڪرڻ جو مقصد سنڌ جي ڪچي جي زمين تي قبضو ڪرڻ آھي. وطن دوست جمھوري پارٽي جي اڳواڻ عرض محمد رتڙ چيو ته اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن کي ھٿي ڏني آھي، ايئر ڪرافٽس گن جھڙا جديد ھٿيار ڌاڙيلن وٽ ڪيئن پھتا، اھو سوال ھڪ وڏي معنيٰ رکي ٿو. نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته آئيني طور تي امن قائم ڪرڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آھي، تنھن ڪري سنڌ ۾ امن جي بحالي لاءِ ۽ ڌاڙيلن خلاف تحريڪ جو رخ سي ايم ھائوس ۽ سنڌ اسيمبلي ڏانھن ھجڻ گھرجي. ايڇ آر سي پي جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر غفرانہ آرائين چيو ته سنڌ جي نياڻين ۽ ٻارن کي اغوا ڪندڙ ڏوھارين کي شرم اچڻ گھرجي، اسان کي متاثر ماڻھن وٽ وڃڻ گھرجي. نامياري صحافي جي اين مغل چيو ته سنڌ کان زمين ۽ درياھه کسڻ جي سازش ٿي رھي آھي، قومپرستن ۽ کاٻي ڌر کي گڏيل جدوجھد ڪرڻ گھرجي. ڊي ايس ايف جي اڳوڻي چيئرمين ۽ ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ امداد چانڊئي چيو ته زندھه رھڻ جو وڏو ۾ وڏو حق انساني حق آھي، رياست کي ان حق جو تحفظ ڪرڻ گھرجي، امن امان جي ذميواري سنڌ سرڪار جي آھي. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح چيو ته سنڌ ۾ امن جي زميوار رياست آھي ۽ ڌاڙيلن جي وڌندڙ وارداتن کانپوءِ ماڻھو ھي چوڻ تي مجبور آھڻ ته رياست عوام کي تحفظ نه ڏئي سگھي آھي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ نور بجير، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شاھين خاصخيلي، عوامي راڄ پارٽي جي اڳواڻ سراج چانڊيو، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اسماعيل خاصخيلي، سنڌي مزدور تحريڪ جي صدر حاجي خان، ايڊووڪيٽ سليمان ڏاھري، ايڊووڪيٽ رميش گپتا، صحافي نعمت کھڙو، راشد لغاري، سماج سڌارڪ اڳواڻ فھيم نوناري، ليکڪ ادريس لغاري، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھٿ وٺي سنڌ کي ڏوھارين ۽ ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آھي، جيڪڏھن ڌاڙيلن جو خاتمو نه ڪيو ويو ته سنڌ جو عوام احتجاج لاءِ سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي جو رخ ڪندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.