سن ويجهو پورهيت هٿياربندن هٿان قتل، پوليس معاملي کي ڳجهارت بڻائي ڇڏيو

سن/ مانجهند (نمائندن وٽان) سن ويجھو نوجوان پورهيت هٿياربندن هٿان قتل، پوليس معاملي کي ڳهارت بڻائي ڇڏيو، لاکڙا ۾ ڪول مائينز ٿاڻي جي حد حسيني حڪيم راڄڙ ڪوئلا ڪمپني جو پورهيت  22 ورهين جو نوجوان عمران پٽ عارب راڄڙ پنهنجي رهائشي ڪوارٽر ۾ ننڊ پيل هو ته هٿياربندن گوليون هڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو، گولين جا آواز ٻڌي مقامي پورهيت توڙي ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا، جن لاش کي ڏسي ڪول مائينز پوليس اطلاع ڏنو ، پر پوليس واقعي واري هنڌ پهچڻ کان لنوائيندي رهي، ميڊيا تي خبرون اچڻ کانپوءِ ڊي ايس پي خاڻوٺ، ايس ايڇ او ڪول مائينز واقعي واري هنڌ پهچي پورهيت جي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو، نوجوان جي رهائشي ڪوارٽر کي ڪڙو چاڙهيو ويو، تعلقي اسپتال مانجهند ۾ پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ نوجوان کي هڪ لوندڙي ۾ گولي لڳل هئي ڄاڻايو ويو، پوليس پاران مقتول جي لاش جون قانوني گھرجون پوريون ڪري لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس مختلف شڪ واريندي نوجوان جي قتل کي ڳهارت بڻائي ڇڏيو، ڊي ايس پي خاڻوٺ ڪرائم سين يونٽ جي ٽيم گھرائي ، مقتول جي مليل لاش واري هنڌ تان مختلف شاهديون گڏ ڪيون، نوجوان جي وارثن قتل بابت ڪنهن قسم جو ڪو به موقف نه ڏنو، ڪوئلا ڪمپني انتظاميا ڪو خاص ۽ چٽو موقف ڏيڻ بدران صرف اهو چيو ته نوجوان خودڪشي ناهي ڪئي پر نوجوان جي ڪنهن سان ڪا دشمني به ناهي ان جي باوجود به ان کي قتل ڇو ڪيو ويو آهي اسان کي ڪا به ڄاڻ ناهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪمپني انتظاميا کي سڄي معاملي جي ڄاڻ آهي پر قاتل کي بچائڻ لاءِ ڪمپني انتظاميا پوليس کي ڳري رشوت ڏئي پوليس سان ملي ڀڳت ڪري مقتول جي خون کي لوڙهڻ جي لاءِ سانڀا ڪري رهيا آهن، ذريعن نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي مقتول جي اڻڄاتل دوست تي الزام هنيو ته عمران کي سندس دوست معمولي ڳالهه تان پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي، ڪول مائينز پوليس ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو ته پورهيت نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي جنهن جو لاش سندس رهائش ڪوارٽر ۾ پيل آهي اسان واقعي واري هنڌ پهتاسون ته نوجوان جو لاش بستري تي قميص لٿل گولي لڳل حالت ۾ مليو ، اسان مقامي ماڻهن ۽ پورهيت کان پڇا ڳاڇا ڪئي، آهي مقتول جي ڪنهن سان ڪا به دشمني نه هئي ،  مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي قانوني گھرجون پوريون ڪيون آهن جيڪڏهن نوجوان جو قتل ٿيو آهي ته قاتل کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.