ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن مان 2 ڄڻن جا لاش ھٿ ڪيا ويا، جڏھن ته فائرنگ ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. شاھ لطيف ٿاڻي جي حد قذافي ٽائون جي علائقي ۾ ڪچرا ڪنڍي مان تشدد ٿيل ۽ ڳچي ڪپيل 42 ورھين جي اڻڄاتل شخص جو لاش مليو. پوليس موجب مقتول جي لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. لاش قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو، پوليس واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڏني آهي. سپر ھاءِ وي بحريا ٽائون جي ڀرسان جھنگ مان اڻڃاتل شخص جو 15 ڏينهن پراڻو لاش ھٿ پوليس پھچي ڪاروائي جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. بلديا ٽائون جي علائقي خورشيد پورا قبرستان جي ڀرسان فائرنگ ۾ عزيز الله ولد نور الله زخمي ٿيو. اورنگي ٽائون ون سيڪٽر 7 ايف فارسي گرائونڊ جي ڀرسان فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ جي سبب غلام جيلاني ولد محمد اسماعيل زخمي ٿيو. شريف آباد جي علائقي غريب آباد انڊر باءِ پاس بلوچ ھوٽل جي ڀرسان فائرنگ ۾ گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ احمد وقاص ولد مشتاق زخمي ٿيو. زمان ٽائون جي علائقي ڪورنگي اڍائي سيڪٽر ايف 48 عبدالمسعود مسجد ڀرسان فائرنگ ۾ محمد سليم ولد محمد صديق زخمي ٿيو. نيپئر جي علائقي لياري ڪشتي چوڪ جي ڀرسان فائرنگ ۾ محمد رفيق ولد محمد ولي زخمي ٿيو. ڪلاڪوٽ جي علائقي لياري عثمان آباد جي ڀرسان ڌوٻي گھاٽ لڳ فائرنگ ۾ علي پٽ مصطفي زخمي ٿيو.جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.