اعليٰ عدالتن ۾ ڳجهين ايجنسين جي مداخلت جي جاچ ٿيڻ گهرجي: اسدالله ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته اعلى عدالتن ۾ ڳجهن ايجنسين جي مداخلت وارو معاملو انتهائي سنگين نوعيت جو آهي جنهن  جي جانچ ٿيڻ گهرجي، ملڪ هن وقت انتشار ۽ ڏڦيڙ جي ڇيڙي تي بيٺل آهي، بشام دهشتگردي وارو واقعو ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ حڪمرانن لاءِ فڪر جوڳو مقام ۽ ملڪ ۾ بي امني جي صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو، ملڪي بجيٽ جو وڏو حصو دفاع ۽ امن امان تي خرچ ڪرڻ باوجود عوام امن لاءِ واجهائي رهيو آهي، رمضان قرآن ۽ نفس کي قابو ڪرڻ جو مهينو آهي، جنهن به ايمان ۽ احتساب سان رمضان جا روزا رکيا ان جا پويان سڀئي گناهه معاف ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي جي علائقي سمن آباد پاران شاهين ڪالوني ۾ دعوت افطار جي ميڙاڪي کي خطاب دوران ڪيو. مولانا اسدالله وڌيڪ چيو ته دين کان دوري ۽ الله جي نافرمانين جي ڪري اڄ فلسطين ۽ ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ مسلمانن جو رت پاڻي وانگر وهايو پيو وڃي، فسطلينين جي نسل ڪشي ۽ قتل عام تي پٿر دل بي حس مسلمان حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن، شهباز شريف پارليامينٽ جي پهرين خطاب ۾ غزه ۾ يهودي دهشتگردي جي مذمت نه ڪري پوري قوم کي مايوس ۽ بي حسي جي انتها ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.