انڪوائري ڪميشن کي هاءِ ڪورٽ برابر اختيار هوندا

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن پاران ڳجهن ادارن مٿان الزام لڳايل الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن، "پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع” تحت ٺاهي ويندي ۽ وزيراعظم انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ جي منظوري وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڏيندو. ياد رهي ته 2017ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت دوران پارليامينٽ 1956ع جي قانون کي ختم ڪندي "پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع” نالي قانون جي منظوري ڏني هئي. قانون ۾ وفاقي حڪومت کي اختيار ڏنو ويو آهي ته اها عوامي مفاد ۾ اهم معاملن تي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي اصل حقيقتون پڌريون ڪرائي سگهي ٿي. ڪميشن جي رپورٽ جي روشني ۾ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهبي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو جاچ ۾ سهڪار نه ڪري يا رڪاوٽ وجهي ته ڪميشن کي هاءِ ڪورٽ جي برابر توهين عدالت جا اختيار به حاصل هوندا، جنهن تحت ڪنهن شخص کي سزا به ڏئي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ڪميشن يا ان جي ڪنهن ميمبر کي بدنام ڪري ٿو ته ان خلاف به "ڪميشن ساک مجروح ڪرڻ جي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. هن قانون موجب جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ ماڻهو ڪميشن ۾ شامل آهن ته اهڙي صورت ۾ حڪومت کي اختيار آهي ته اها انهن مان ڪنهن هڪ کي ڪميشن جو سربراهه بڻائي. حڪومت نوٽيفڪيشن ذريعي هي ڪميشن ٺاهي سگهي ٿي. ان لاءِ چيف جسٽس يا ٻين ادارن يا سياسي پارٽين سان مشاورت جي ضرورت ناهي. وفاقي حڪومت کي ڪميشن کي وقت ڏيڻ جا اختيار پڻ آهن.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.