عدليه ۾ مداخلت جو چيف جسٽس نوٽيس نه ورتو، رٽائر جج دٻاءَ کان ڪيئن آجو ٿيندو

اسلام آباد(م ڊ) فل ڪورٽ ميٽنگ ۾ چئن ججن حڪومت جي مشاورت سان رٽائرڊ جج جي اڳواڻي ۾ ڪميشن جوڙڻ جي مخالفت ڪئي پر اڪثريت چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي جي  حمايت ڪئي.اھڙي ريت فل ڪورٽ کان انڪوائري ڪميشن جي منظوري ورتي وئي.اھا ميٽنگ وزيراعظم سان ملاقات کان بعد ٿي ھئي پر ملاقات کان اڳ واري فل ڪورٽ ميٽنگ ۾ ،ججن سان چيف جسٽس جي ميٽنگ ۽ وزيراعظم سان ٿيل ملاقات جي به منظوري ورتي وئي. اسلام آباد  جي ڇھن ججن پاران لڳايل سنگين الزامن تي سنجيدگيءَ ظاھر نه ڪندي اھو معاملو وري ان حڪومت جي حوالي ڪيو ويو آھي.. ذريعن موجب 26 مارچ تي چيف جسٽس، جن  اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ڇھن ججن  سان ملاقات ڪئي انھن ۾اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به موجود ھو.ذريعن موجب ان ملاقات ۾ ڪافي تفصيلي ملاقات ٿي پر ان ۾ خط لکندڙ ججن کي ڪا گھڻي اميد نه ڏياري وئي ھئي. اسد طور موجب اھو ججن پاران خط لکڻ جي معاملي سامھون اچڻ بعد حڪمران جماعت جي حامي سوشل ميڊيا ھينڊلر ۽ مخصوص صحافي معزز ججن خلاف منظم مھم ھلائي رھيا آھن.ھن جو چوڻ آھي تھ وزيرقانون اعظم نذير تارڙ انڪشاف ڪيو آھي ته ملاقات وزيراعظم جي نه پرچيف جسٽس جي خواھش تي ٿي آھي.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پاڻمراد نوٽس وٺي معاملو کڻڻ گھرجي ھا پر ائين نھ ٿيو. ھاڻي جنھن طريقي سان حڪومت يا انتظاميا ۽ عدليا اھو ڪم ڪري رھيا آھن ان مان ته ائين نٿو لڳي ته انتظاميا ۽ عدليا جدا ٿيا آھن. مستقل جج جن سان اھڙي جٺ ٿي آھي ان جي انڪوائري ڪندڙ رٽارڊ جج جيڪو مقرر مخصوص وقت لاءِ ھوندو اھو ڪيئن دٻاءِ کان آجو ھوندو. اھو ڪيئن انصاف ڪندو ؟ ھاڻوڪي فيصلي سان ملڪ جي عدليھ کي اھو پيغام ڏنو ويو آھي ته ٻيھر ڪو به جج ڪنھن به قانوني فورم تي اچي  ساڻن ٿيندڙ حالت  بابت دانھن نه ڪري.اسد طور موجب ھن معاملي جي جاچ ٿيڻ سان معاملو اليڪشن تائين به ويندو. جنھن سان سمورو معاملو کلي ويندو.جنھن جي ھن وقت فائدو حاصل ڪندڙ موجودھ حڪومت آھي. ان ڪري ھي معاملو رڳو ھڪ رٽائرد ججن حوالي ڪري ان کي روليو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.