ايم ڪيو ايم جي سربراهه جو پ پ جي سنڌ حڪومت کي مِهڻو!

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي موجوده سربراهه خالد مقبول صديقيءَ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ سنڌ حڪومت کي مِهڻو ڏنو آهي ته جيڪڏهن اها ڪراچي جي ماڻهن کي ڦورن کان نه ٿي بچائي سگهي ته پوءِ اسان پاڻ ڪراچي جي ماڻهن جي حفاطت ڪنداسين.

جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم جو ڪراچي ۾ انتظامي وارو دور خاص ڪري جنرل مشرف واري حڪومت ۾ بدترين رهيو، تڏهن جيڪا ڪراچيءَ جي حالت هئي تنهن کان اڄ واري ڪراچي هزار ڀيرا ڀلي آهي. ايم ڪيو ايم جي انتظامي دور ۾ ڪراچي دنيا جي خوف ناڪ ترين ۽ دهشتگردي واري شهر طور ڄاتي سڃاتي ويندي هئي. ان دور ۾ ٽارگيٽ ڪنگ، ڀتا خوري، ٻورين ۾ بند لاشن جو ملڻ، ٽي ٽي ڏينهن لاڳيتو هڙتال ٿيڻ معمول هوندو هو. لساني، نسلي ۽ فرقيوار فساد الڳ ٿيندا هيا. هاڻي واري ڪراچي ان ڪراچي کان جيئن مٿي چيو آهي ته هزار ڀيرا ڀلي آهي خراب رڳو هڪ معاملي ۾ آهي سو آهي موبائيل فونن جي ڦرجڻ جو آزار ۽مزاحمت تي ماڻهن کي ماري ڇڏڻ وارو لاڙو ۽ بينڪن، مارڪيٽن ۽ دڪانن مان ڦرڻ جو معاملو.

سو ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ته گهٽ ۾ گهٽ پ پ جي سنڌ حڪومت کي ڏنل اهو مِهڻوبلڪل به نٿو ٺهي پر پوءِ به سنڌ حڪومت لاءِ اهو مهڻو ڪنهن چئلينج کان گهٽ ناهي. خاص ڪري اهڙي صوبائي حڪومت لاءِ جيڪا لڳاتار چوٿون ڀيرو حڪومت ڪندي هجي ۽ جنهن جو وڏو وزير لڳاتار ٽيون ڀيرو وڏ وزارت ڪندو هجي ۽ جنهن حڪومت جو آءِ جي غلام نبي ميمڻ لڳاتار ٻيو ڀيرو آءِ جي ٿيو هجي، تنهن کي اهڙو مِهڻو جيڪر ٻڌڻ لاءِ نه ملي يا اهڙو موقعو جيڪر مخالف ڌر کي نه ڏجي ها يا نه ملي ها. ان ڪري جيئن ئي پ پ کي لڳاتار چوٿون ڀيرو حڪومت ڪرڻ جو، سيد مراد علي شاهه کي لڳاتار ٽيون ڀيرو وڏو وزير ۽ غلام نبي ميمڻ کي لڳاتار ٻيو ڀيرو آءِ جي ٿيڻ جو موقعو مليو ته اسان هنن ئي ايڊيٽوريل ۾ کين گذارش ڪئي هئي ته هاڻي کين تجربي ڪار حڪومت، تجربي ڪار وڏي وزير ۽ تجربي ڪار آءِ جي طور ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي جيئن گڊ گورننس نظر اچي.

هن وقت جڏهن لڳاتار چار ڀيرا پ پ جي سرڪار کي وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم ٿيل آهي ۽ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ موبائيل جي ڦرن جوڪرائيم چوٽ چڙهيل آهي جيڪو اصولي طور تي لڳاتار چار ڀيرا حڪومت ڪرڻ واري اٿارٽي کي هيل تائين مڪل طور تي ختم ڪرڻ گهرجي ها. ائين ٿئي ها ته پوءِ حڪومت کي ايم ڪيو ايم جو اِهو مِهڻو به ٻڌڻ لاءِ نه ملي ها.

هاڻي پ پ جي سنڌ حڪومت کي وري گذارش ڪنداسين ته اها ڌاڙيلن ۽ ڦورن خلاف سخت ترين ۽ فيصلائتو آپريشن ڪري جنهن جو اعلان به ڪيو ويو آهي. اسان نٿا سمجهون ته ڪو حڪومت لاءِ اهو ايڏو وڏو مسئلو هوندو، ان وٽ سڀ وسيلا ۽ طاقت آهي رڳو اوڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسان جو خيال هوندو آهي ته حڪومت جو نيٽ ورڪ هر لحاظ کان ڏوهارين ۽ بدي جي طاقت جي نيٽ ورڪ کان سگهارو آهي پر عام طور تي ڏوهارين جو نيٽ ورڪ وڌيڪ مضبوط نظر ايندو آهي. جنهن تي تمام گهڻي حيرت به ٿيندي آهي پر حقيقت اها آهي ته انهن ڏوهاري طاقتن کي به اندروني طور تي سرڪاري سهولت ڪارن جي پٺڀرائي هوندي آهي. وڏيرا هجن، جاگيردار هجن، چوڌري هجن سي ٻهراڙين ۾ ڏوهارين ۽ شهرن ۾ ڦورو مافيا کي پوليس سرپرستي مليل هوندي آهي. ويجهڙ ۾ ته اهڙا به ڦرن جا واقعا ٿيا آهن جنهن ۾ سڌو سنئون پوليس اهلڪار ملوث نڪتا آهن. ايئن ڪميشن وٺي ڏوهارين ۽ ڦورن کي وارداتن جي سهولت ڏني ويندي آهي. ڪچي جي ڌاڙيلن کي ته ملڪي سطح جي پٺڀرائي لڳي ٿي. ڪچي ۾ رڳو سنڌ جا سنڌي ڌاڙيل ئي ناهن پر ملڪ جي ٻين علائقن جي ڏوهارين جي گينگ جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي.

سو اسان جون حڪومتون بظاهر ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي آڏو جيڏو ڪمزور ۽ لاچار نظر اچن ٿيون سي ايڏو آهن نه پر خود سرڪاري ۽اثر رسوخ رکندڙ طاقتن طرفان سندن مدد ڪئي ويندي آهي. تنهن ڪري اهي بنا ڪنهن خوف جي وارداتون ڪندي نظر ايندا آهن.

پر جيڪڏهن سرڪار حقيقي معنيٰ ۾ حڪومت جي گهرجن تحت حڪومت ڪري، عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ کي اوليت ڏي، گڊ گورننس قائم ڪرڻ واري چئلينج کي سنجيدگيءَ سان وٺي ته رياست ۽ حڪومت وٽ ايترا وسيلا ضرور آهن جو اهي 24 ڪلاڪن اندر ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي نيٽ ورڪ جا ترا ڪڍي سگهي ٿي.

اسان ته اها به تجويز ڏني هئي ته جيڪڏهن موبائيل فونن جي ڦورن ۽ ڏوهارين جي نالن جون ضلعي، تعلقائي ۽ يوسيز سطح تي لسٽون ٺاهي انهن حدن جي ٿاڻن کي سندن گرفتارين جو ٽاسڪ ڏجي ته ائين کين گرفتار ڪري ڏوهي وارداتن کان روڪي سگهجي ٿو ۽ امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

پر هتان جي پوليس عام ماڻهن کي تنگ ۽ پريشان ڪرڻ ۾ بدنام هوندي آهي پر ڏوهارين، ڌاڙيلن ۽ ڦورن لاءِ ڪو مسئلو ناهي هوندي. اهو ئي الميو آهي جنهن جو حڪومت کي تدارڪ ڪرڻو پوندو پر جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ان اٿارٽيءَ تي ڪم نه ڪيو ته پوءِ اها ناڪام حڪومت سڏائي ويندي ۽ پوءِ ان کي ائين ئي مِهڻا ملندا رهندا، جيئن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي موجوده سربراهه کيس مهڻو ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.