سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ۾ قبضو ڪيل زمينن ۽ گهرن کي ريگيولرائيز ڪرڻ جا سانباها

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪراچي ۾ غيرقانوني طور تي قبضو ڪيل زمينن، گهرن ۽ دڪانن کي ريگيولرائز ڪرڻ جا سانباها ڪري رهي آهي.

سنڌ سرڪار سمجهي ٿي ته جتي به قبضا ٿيا آهن هاڻي انهن کي اٿاري نٿو سگهجي، ان ڪري انهن کي ريگيولرائز ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۾ ڪيترائي علائقا ۽ آباديون آهن جن تي قبضا مافيا پاران قبضا ڪري انهن کي وڪرو ڪيو ويو ۽ هاڻي اتي عمارتون ۽ دڪان ٺهي چڪا آهن جيڪي سڀ غيرقانوني آهن.

سنڌ حڪومت انهن قبضو ڪيل زمينن، پلاٽن ۽ دڪانن وارن کان ڏنڊ وٺڻ چاهي ٿي جيڪو ڪي ايم سي کي ملندو.

ڪي ڊي اي کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجون 6 ترقياتي اسڪيمون ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن حوالي ڪري ڇڏي ڇو ته ڪي ڊي اي پنهنجي آمدني کان وڌيڪ اهي منصوبا جاري نه رکي سگهندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پارڪس کي به خانگي اين جي اوز حوالي ڪرڻ جي تجويزن تي غور ڪيو ويو آهي.

خيال رهي ته چائنا ڪٽنگ ذريعي زمينن تي هزارين ماڻهن ننڍا ننڍا پلاٽ حاصل ڪري گهر ٺاهي ڇڏيا آهن ۽ انهن تي رهي رهيا آهن، انهن پلاٽن جي ماپ 120 اسڪوائز گز کان گهٽ آهي، اهي پلاٽ منظم گروهه عام ماڻهن کي وڪرو ڪن ٿا.

ان کان اڳ ايف آءِ اي جاچ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضي بابت ٻڌايو هو پر ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي هئي.

اهو معاملو گذريل ڏينهن مڪاني کاتن واري وزير سعيد غني سان ڪي ڊي اي انتظاميا جي ملاقات دوران بحث هيٺ آيو هو.

ذريعن موجب مڪاني کاتن واري وزير قبضن تي خدشا ظاهر ڪيا هئا ۽ عملدارن کي هدايت ڪئي ته پاليسي ٺاهي وڃي.

هن چيو ته هزارين گهرن ۽ دڪانن جي ٺهڻ کانپوءِ اهو ناممڪن ٿي چڪو آهي ته زمين خالي ڪرائي سگهجي، ان لاءِ عمارتن کي ريگيولرائز ڪرڻ واري معاملي تي غور ڪيو ويو.

قبضي هيٺ زمين تي ڏنڊ وجهي ريگيولرائيز ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن ڪي ڊي اي لاءِ ڪجهه فنڊز حاصل ڪري سگهجن.

ڪي ڊي اي جي درخواست هئي ته 139 پارڪن لاءِ ترقياتي فنڊز ڏنا وڃن.

هڪ اجلاس ۾ هن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي چيو هو ته غيرقانوني اڏاوتن جي ذميوارن جو پتو لڳائي قانون جي وضاحت ڪئي وڃي ۽ ماڻهن کي آگاهي ڏني وڃي ته هو اهڙي ملڪيت خريد نه ڪن جڏهن ته غيرقانوني اڏاوت ۾ ملوث بلڊرز خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ذريعن موجب ايس بي سي اي ڪراچي ۾ 60 ۽ 400 گز پلاٽن تي رهائشي عمارتن لاءِ 15 ڏينهن ۾ اڏاوتي منصوبن جي منظوري لاءِ ون ونڊو آپريشن شروع ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.