پارٽي مفادن تائين محدود تحريڪون نه هلي سگهنديون آهن

تحرير: زرار پيرزادو

¨ اڄ ڪلهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن جي جوڊيشل ڪائونسل کي لکيل خط جو وڏو اشو هلي رهيو آهي جنهن ۾ ججن عدالتي فيصلن ۾ ايجنسين جي مداخلت جي خاتمي جو معاملو اٿاريو آهي.

¨ جيتوڻيڪ ملڪ جي عدالتي تاريخ ۾ ايئن ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي ان جو سڀ کان وڏو مثال آهي جنهن کي ضياءَالحق جي مارشل لا دور ۾ هڪ ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاهي ڏياري کيس رستي تان هٽايو ويو هو.

¨ سو اها ته حقيقت آهي ته پنهنجي ملڪي عدليه ۾ ”مداخلت“ به ٿيندي رهي آهي، نظريه ضرورت تحت فيصلا به ٿيندا رهيا آهن، تنهن ڪري ملڪ جي عدالتي تاريخ ڪنهن ريت به ساکائتي ناهي رهي.

¨ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي اها نشاندهي هونئن ته قابل تعريف آهي پر انهن ججن تي پي ٽي آءِ جي ونگار وهڻ جو الزام آهي تنهن ڪري سندن اڳ ڀرائي کي غير جانبداراڻو عمل نٿو سمجهيو وڃي.

¨ خود پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ عدالتي معاملن توڙي احتسابي عدالتن ۾ مداخلت ٿيندي رهي آهي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن خلاف انتقامي ڪارروايون ٿينديون رهيون. شوڪت صديقي واري برطرفي واري فيصلي ۾ ڇا مداخلت نه ٿي هئي ۽ ان مداخلت وقت اهي جج ڪٿي هيا؟

¨ سو ججن کي ڪا به تحريڪ يا اڳڀرائي مخصوص سياسي مفادن جي روشني ۾ نه پر مجموعي طور عدليه جي آزادي خودمختياري لاءِ ڪرڻ گهرجي.

¨ پي ٽي آءِ جي حالت ته اها آهي ته اها ڄڻ چاهيندي هجي ته حڪومت به انهن جي هجي، عدليه به سندن حمايت ۾ فيصلا ڪري، پارليامينٽ ۾ به اها اڪيلي جماعت ويٺي هجي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته تحريڪون عظيم مفادن ۾ هلائبيون آهن، عوامي حقن، جمهوريت، پارليامينٽ ۽ عدليه جي آزادي ۽ خودمختياري لاءِ جيستائين پي ٽي آءِ ملڪ جي سڀني جماعتن سان گڏ نه بيهندي تيستائين ان جون تحريڪون پارٽي مفادن تائين محدود رهنديون.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.