سچ پڇو ته اهو لکندي تڪليف ٿئي ٿي تھ اڄ به اسان غلاميءَ جي دور مان آزاد نه ٿيا آهيون. ساڳيا ضابطا ۽ ساڳيا طريقا.جيڪي ڪارا قانون آزاديءَ جي تحريڪ کي چٿڻ لاءِ ٺاهيا ويا ھئا. اهي اڃا به اسان وٽ لاڳو آهن، چاهي ان جو مقصد صحافت کي نشانو بڻائڻ ھجي يا سياسي مخالفن کي. بدقسمتيءَ سان جيڪي به سويلين حڪمران آيا آھن انهن آمراڻي روش ئي اختيار ڪئي، ڇاڪاڻ ته آمرن کي اھڙا قانون جھڙوڪ سيڪشن يا دفعا 144 يا سيڪيورٽي ايڪٽ گھربل هئا،صحافت يا سياست کي ڪنٽرول جي لاءِ، پر اسان جي سويلين حڪمرانن تھ آئيني طور تي ڪاري قانونن کي تحفظ ڏنو.پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس، پيمرا ۽ پيڪا جهڙن قانونن آزاد ۽ خودمختيار ميڊيا جو رستو روڪيو.
بدقسمتيءَ سان اخبارن جي مالڪن ۽ ميڊيا ايڊيٽرن جي اداري کي ختم ڪري ذميوار صحافت کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان پهچايو آهي ۽ غير ذميواراڻي صحافت جو ”فلڊ گيٽ“ کلي ويو ، ڪير به پڇڻ وارو نه رھيو. غلط يا اڻ تصديق ٿيل خبرن تي معافي وٺڻ بھ ڇڏي ڏنو.ان رياست جو ڪم ۽ حڪومتن جو ميڊيا ۽ پريس جي آزادي کي دٻائڻ جو ڪم آسان بڻائي ڇڏيو. ڪجهھ سالن کان اسان وٽ ھڪ ھائبرڊ سسٽم آھي جنھن جو دائرو ھاڻي ميڊيا تائين وڌايو ويو آھي، ياد رکو پابنديون ھميشه ناڪاري رجحانن کي جنم ڏينديون آھن.
صحافت جي آزادي ۽ انساني حقن جا ٽي معتبر آواز جناب آءِ اي رحمان، عاصمه جهانگير ۽ نثار عثماني هئا. ٽنهي جو گڏيل موقف ھو تھ صحافت کي درپيش چئلينجز تڏهن کان آهن جڏهن کان اسان جي رياست پنهنجي رخ جو تعين ھڪ فلاحي رياست کان بدلائي نيشنل سيڪيورٽي اسٽيٽ ۾ تبديل ڪيو آهي. هاڻي تھ اسان جو رخ ريئيل اسٽيٽ آھي.اهي ئي بيانيئو ۽ راءِ عامھ بڻائين ٿا ”ڪنٽرولڊ ميڊيا“ جي ذريعي ۽ وري جيڪو ان کي چئلينج ڪري اھو رياست جو دشمن، غدار قرار ڏنو وڃي ٿو. ان سموري عملن ۽ پاليسين ميڊيا جي ترقيءَ جا رستا روڪ ڪري ڇڏيا آھن. اڪثر اخبارن جا مالڪ ۽ ميڊيا حالتن سان سمجهوتو ڪري ڇڏيو آھي ۽ اهڙي طرح صحافت عوام جي ترجمان بدران رياست جي ترجمان بڻجي وئي.
صحافت تھ نالو ئي خطرن سان کيڏڻ جو آهي. حڪمرانن جي اکين ۾ اکيون وجھي ڳالھائيندڙ صحافي اڻلڀ ٿي رهيا آهن. جيڪي ماڻهو ڳالهه ڪندا ھئا اھي ڪنھن جماعت جا ترجمان نه ھوندا هئا پر ڳالھھ دليل سان ۽ خبر حقيقت تي ٻڌل ھوندي ھئي.ڪردار جا غازي ھئا ان ڪري ڳالھائڻ جي جرئت رکندا ھئا.گھڻا ئي صحافي انهن خطرن جو مقابلو ڪندي مارجي ويا، ڪنهن جو لاش جبلن تان مليو،تھ ڪنهن جو لاش درياهه جي ڪناري تان مليو، ڪو ڀري بازار ۾ قتل ڪيو ويو، تھ ڪنهن جي زال مڙس جي قاتلن جي نشاندهي ڪرڻ تي قتل ٿي وئي. صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي ڪڏهن زندگيءَ جو خطرو تھ ڪڏهن نوڪريءَ جو خطرو نه ڪا لائف انشورنس نھ ئي وري جاب انشورنس. صحافت پرنٽ کان اليڪٽرانڪ دور ۾ آئي تھ خطرا اڃان به وڌي ويا. ٽي وي اسڪرين جو دور آيو ته صحافين تي حملا به وڌي ويا.
رپورٽر ھجن يا اينڪرز ، حملن جي خطري ۾ رهيا آهن، ان ڪري گذريل 20 سالن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ صحافي صرف ٽي وي سان تعلق ھجڻ سبب مارجي ويا آهن. گذريل ٽن ڏهاڪن کان بلوچستان ۽ قبائلي علائقن جي صحافين کي جيڪي درپيش خطرا آھن اسان کي شايد ان جو اندازو بھ ناهي. ڪيترائي صحافي صحافت ڇڏي ويا، ڪيترائي دنيا ڇڏي ويا. ڪو وقت هو ۽ شايد هاڻي بھ صورتحال گهڻي مختلف ناهي ته حڪومت چوي ٿي ته اسان جون ڳالهيون ڇاپيو ۽ اشتهار وٺو، دهشتگرد ۽ انتهاپسند گروهه بندوق جي زور تي خبرون لڳرائين ٿا. جڏهن ته ادارا چون ٿا ته ھي ڇاپيو ۽ ھي نه ڇاپيو. ان صورتحال ڪيترن ئي صحافين کي ذهني يا نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيو آهي. انهن خطرن ۽ ڌمڪين جي ماحول ۾ اھو بھ گھٽ پگهارون ۽ اهي بھ وقت تي نه ملن ته پوءِ ڪهڙي قسم جي صحافت ٿيندي؟
سوشل يا ڊجيٽل ميڊيا ان تيز ۽ طوفاني هوائن وانگر آهي جنھن تي توهان ڪنٽرول نٿا ڪري سگهو،ان کان بچڻ لاءِ انتظام ڪري سگهو ٿا، ان جا مثبت ۽ منفي ٻئي پهلو آهن. هي نئين ٽيڪنالاجي سالن جي پابندين جو جواب آهي، جواب آھي ماڻهن کان حقيقتون لڪائڻ جو،اطلاعات تائين رسائي نه هجڻ جو. ان سڄي دنيا ۾ سياسي مزاحمتي تحريڪن جو بيانئيو بدلائي ڇڏيو آھي، جنھن هر ماڻهوءَ کي پنهنجي طور تي صحافي بڻائي ڇڏيو. بس هٿ ۾ موبائيل ھجي. ننڍي ڪئميرا ۽ مائيڪ ھجي،بس ھاڻي توهان صحافي بڻجي ويا.
آخر ۾ انھن سڀني جو حل ڇا آهي؟ اهو دور جڏهن صحافي جي بنيادي وصف اها هئي ته سندس آمدني جو واحد ذريعو سندس پگهار هجي. ھو ڪا به خبر حقيقت جي بنياد تي پيش ڪري،مڪمل تصديق ڪرڻ کان پوءِ .جنھن جي سموري ذميواري اخبار جو ايڊيٽر کڻندو هو ۽ اها ذميواري به کڻندو ھو تھ جيڪڏهن ڪا خبر حقيقت جي ابتڙ هجي، تنھنڪري اڄ بھ جيڪڏهن صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي پگهارن ۾ وقت گذرڻ سان مناسب واڌارو ڪيو وڃي ۽ ايڊيٽرن جي اداري کي بحال ڪيو وڃي. ايڊيٽر ۽ ٽي وي نيوز هيڊ بااختيار ۽ ذميوار ھجن تھ گهٽ ۾ گهٽ انهن ٻن ميڊيم ۾ بهتري جي گنجائش آهي.
ميڊيا جي مالڪن جون تنظيمون، ايڊيٽرن ۽ صحافين جون تنظيمون ڊجيٽل ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه جو عمل شروع ڪن ۽ گڏيل ڪم جو ضابطو جوڙيو وڃي.قانون اسٽيڪ هولڊرز پاڻ جوڙين ۽ ان تي عملدرآمد جو ميڪنزم پڻ جوڙين. ڪوڙي خبرن يا ڪنھن جي ذاتي زندگيءِ جي حوالي سان خبرون، آڊيو ۽ وڊيو ليڪ بنا تصديق ھلائڻ جا پنھنجا نقصان آھن.پر انھن جي روڪڻ جو واحد طريقو سٺو مضبوط ۽ سخت بدنامي عزت جو قانون آهي. جيڪي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ لاڳو آهن.
صحافي کي به پنهنجي رخ جو تعين پاڻ ڪرڻو پوندو. مزاحمتي صحافت کي مضبوط ۽ درٻاري يا لفافي صحافت کي رد ڪڻو پوندو. جنهن جي شروعات صحافتي تنظيمن جي اتحاد سان ئي ممڪن آهي. ان ڳالهه تي بحث شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي ته صحافي ڪير آهي ۽ صحافت ڇا آهي. آءِ اي رحمان پنهنجي هڪ آخري انٽرويو ۾ چيو هو ته ”منهنجو عقيدو آهي ته ماڻهو مستقل غلامي قبول نٿا ڪن ڇو ته خيالن جي وهڪري کي روڪي نٿو سگهجي.“ ان جو تازو مثال غزا ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ڪيترائي سو صحافي مارجي ويا ۽ اسرائيلي ظلم جو شڪار ٿيا. مغربي ميڊيا بي نقاب ٿيو پر اڄ به سڄي دنيا جا صحافي اتي وڃن ٿا. اهي رپورٽ ڪن ٿا ۽ پنهنجي جان قربان ڪن ٿا ان اميد سان ته سچ ڪٿي مري نھ وڃي. سچ کي زنده رکڻ جو نالو ئي صحافت آهي..