ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي نياڻي جي وڇوڙي تي لينگويج اٿارٽي پاران تعزيت

حيدرآباد ( رپورٽر) سنڌي ٻوليءَ جي نامياري عالم، اديب، شاهه لطيف جي ڪلام جي پارکو ۽ مرتب ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي ڌيءَ گل ڇڳاڻيءَ جي وڇوڙي تي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي ۽ سيڪريٽري ڊاڪٽر احسان دانش ڏک جو اظھار ڪيو آهي ۽ هنن چيو ته گل ڇڳاڻيءَ کي پنھنجي والد وانگر سنڌي ٻوليءَ سان پيار هو، ان سبب ئي هوءَ سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل عالمن اديبن توڙي ادارن سان مستقل رابطي ۾ رهندي هئي. هوءَ جڏهن سنڌ آئي هئي ته هن خاص طور سنڌ جي اديبن ۽ محققن سان ملاقاتون ڪيون هيون ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڪم ۽ شاهه جي رسالي جي چوٿين جُلد بابت پڻ ٻڌايو هو. ياد رهي ته گل ڇڳاڻي گذريل ڏينهن لنڊن ۾ وفات ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.