ترڪ سفارتخاني پاران ڏنل افطار تي خصوصي ٻارن سان ملي خوشي ٿي آهي:مراد شاهه

ڪراچي ( رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي  شاهه ڪراچي ۾ ترڪ سفارتخاني جي قونصل جنرل ڪمال سانگو پاران خصوصي ۽ يتيم ٻارن جي اعزاز ۾ ڏنل افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته ترڪ سفارتخاني پاران افطار تي خصوصي ٻارن سان ملندي خوشي ٿي، مون کي انهن ٻارن سان خاص پيار ۽ محبت آهي. هن چيو ته آئون خصوصي ٻارن ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ ملي رهيو آهيان، اهو اسان سڀني جو فرض آهي ته انهن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن چيو ته خصوصي ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوز وڏو ڪم ڪري رهيون آهن..  وڏي وزير خصوصي ٻارن سان ملاقات ڪئي، ساڻن پيار ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ ترڪي جي قونصل جنرل وڏي وزير ۽ خصوصي ٻارن جو افطار ۾ شرڪت ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.