ڪير دٻاءُ وجهي ته جج ان وقت ئي توهين عدالت ڪارروائي ڪري

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ مان بحال ٿيل جسٽس رٽائرڊ شوڪت عزيز صديقي بي بي سي کي ٻڌايو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل  ڪو مشاورتي فورم ناهي پر هتي ججن جي رويي خلاف معاملن کي غور هيٺ آندو ويندو آهي. ان سوال تي ته جج کي عدالت ۾ مداخلت تي ڇا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ”جج کي پاڻ ڄاڻڻ گهرجي ته هن کي ڇا ڪرڻو آهي.“ هن جو ڪهڙو ردعمل آهي؟ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار بي بي سي کي ٻڌايو ته هو پاناما ڪيس ۽ جسٽس شوڪت صديقي سميت ڪنهن به معاملي تي تبصرو نٿو ڪرڻ چاهي. سندس موجب، جيتوڻيڪ هو هاڻي وضاحت ڏئي سگهي ٿو، پر هو پنهنجي رازداري جو حق استعمال ڪندي ميڊيا سان نه ڳالهائيندو. هن چيو ته سندس دور ۾ ڪنهن به مٿس دٻاءُ نه وڌو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج ناصره اقبال بي بي سي کي ٻڌايو ته هوءَ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج رهي چڪي آهي. ان کان اڳ سندس مڙس جاويد اقبال به جج هو. سندس چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ يا ڳجهي ايجنسيءَ جو ڪو به اهلڪار هن وٽ نه آيو آهي ۽ نه ئي هن پنهنجي مڙس کان گهر ۾ اهڙو ڪو واقعو ٻڌو آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن جج پاڻ ڪنهن به ”فائدي“ جي طلب نه ڪندا آهن ته ٻئي طرف کان ڪنهن کي اها جرئت نه هوندي آهي ته هو جج کي دٻاءُ ۾ وجهي. هڪ سوال جي جواب ۾ جسٽس ناصره جاويد چيو ته جڏهن ڪو جج تي فيصلو ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهي ته اهڙي صورت ۾ جج کي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. سندس خيال ۾، هڪ دفعو جج ثابت ڪري ڏيکارين ٿا ته هو بهادر آهن ۽ ان ۾ ڪا لالچ ناهي ته پوءِ ڪير به سندن ويجھو به نه ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.