ججن جو خط سٺو سنئوڻ آهي،آئين جي حڪمراني لاءِ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته جنرل باجوا کي ايڪسٽينشن ڏيڻ باوجود مون سان رابطو ڪري چيو ويو ته نوازشريف جي گوجرانوالا واري تقرير جي مذمت ڪريو مون انڪار ڪيو ان کانپوءِ نيب مون خلاف سرگرم ٿي وئي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ججن جون شڪايتون ختم ٿيڻ گهرجن،ججن جو خط سٺو سنئوڻ آهي، ادارن ۾ ڳالهيون ته شروع ٿيون آهن، ان ۾ ئي اسان جي نجات آهي، تاريخ جي ڪاري باب کي درست ڪرڻ گهرجي،جسٽس منير به ڪنهن جي چوڻ تي فيصلا ڏنا هئا، جنرل ايوب جا ٻه وڏا گناهه آهن هڪ پاڪستان ٽوڙڻ ۽ ٻيو چين جي چوڻ باوجود هن ڀارت سان جنگ ۾ حصو نه ورتو جنهن سان ڪشمير کي آزاد ٿيڻو هو، هن چيو ته هن ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني هئڻ گهرجي، دعوت گناهه اسان سياستدان ڏيندا آهيون، آئين جي پاسداري لاءِ سياستدانن کي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، جنرل باجوا کي ملازمت مدي ۾ واڌ جون ٽئي پارٽيون ذميوار آهن،جنرل باجوا ۽ جنرل فيض حميد کي قومي اسيمبلي ۾ طلب ڪري سگهجي ٿو،فيض آباد ڌرڻي ۾ هڪ فوجي آفيسر جي پئسا ورهائيندي وڊيو ٺهيل آهي،جڏهن اسان هڪ ملاقات ۾ انهن پئسن بابت پڇيو ته باجوا جواب ڏنو ته اسان اهي پئسا واپسي جي ڪرائي لاءِ ڏنا هئا،اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت ۾ سياستدان ۽ عدليه به ذميوار آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.