پي ٽي آءِ پاران رٽائرڊ جج ذريعي جاچ ڪميشن رد

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن سان يڪجهتيءَ لاءِ آچر تي پشاور  ۾ وڏي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي بئريسٽر گوهر ۽ شير افضل مروت ميڊيا سان ڳالهائيندي اهڙو اعلان ڪيو. شير افضل مروت چيو ته هي ريلي پاڪستان جي سڀ کان وڏي ريلي هوندي. بئريسٽر گوهر چيو ته ريلي جو مقصد عدليه جي آزادي ۽ قيدي نمبر 804 جي آزادي آهي. بئريسٽر گوهر چيو ته ججن جي معاملي تي پي ٽي آءِ طرفان چيف جسٽس کي خط لکيو ويندو، هو هميشه عدليه سان گڏ بيٺا آهن ۽ رهندا. لطيف کوسا وڪيل تحريڪ جو اعلان ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ ڪارڪنن کي نشانو بڻايو پيو وڃي،هوڏانهن پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي هاءِ ڪورٽ جي ججن جي حوالي سان رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن ذريعي جاچ جو حڪومتي اعلان مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو، ڪور ڪميٽي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو خط وفاقي حڪومت جي ايجنسين خلاف هڪ فرد جرم آهي، هوڏانهن  پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاندانه گلزار چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي پيغام تحت ملڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪنداسين. اڊيالا جيل ۾ پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ  اڳواڻن عمران خان سان شاندنه گلزار، سينيٽر فيصل جاويد جڏھن ته بئريسٽر گوهر، لطيف کوسي ۽ شير افضل مروت سندس قانوني ٽيم طور ملاقات ڪئي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاندانه چيو ته اڄ عدليه چئي رهي آهي ته اسان محفوظ ناهيون، هاڻي ججن جي بيڊ روم ۾ ڪيمرا لڳائي رهيا آهن، هي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهن، اها اخلاقي پستي جي آخري حد آهي. اسان عدليه سان گڏ آهيون، ججن به آواز اٿاريو آهي. ٻئي طرف سينيٽر فيصل جاويد چيو ته آزاد عدليه جي تحريڪ لاءِ پي ٽي آءِ جي باني ماڻهن کي گهرن مان نڪرڻ ۽ انصاف سان بيهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.