ڪنڌڪوٽ ۾ گولا برادري جو ٻن مغوين جي آزادي لاءِ ڌرڻو، ٽريفڪ بند

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ گولا برادري پاران هڪ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل مغوي در محمد ۽ گل محمد گولو جي آزادي لاءِ گولا موڙ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب سنڌ، پنجاب، بلوچستان کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون وڏيون  قطارون لڳي ويون،گولا برادري پاران ڌرڻي ۾ پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ سردار محمد صلاح گولو پنهنجي سوين برادري جي ماڻهن سان گڏ انڊس هاءِ وي روڊ تي 8 ڪلاڪن تائين ويٺل رهيو ۽ مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو، ڌرڻي ۾ اڳواڻن مشتاق گولو، جعفر گولو، موٽي گولو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ مهيني کان وڌيڪ ٽائيم گذري چڪو آهي پر مغوي در محمد گولو ۽ گل محمد گولو اڃان تائين آزاد نه ٿي سگهيا آهن.پوليس مغوين جي آزادي لاءِ صرف ٺلها دلاسا ۽ آسرا ڏيندي پئي اچي، ضلعي اندر پوليس مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻجي چڪي آهي، ڌاڙيل سرعام من مانيون ڪندي لکين رپيا مغوين جي آزاد لاءِ ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن، ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڪچي اندر ڌاڙيلن خلاف بي رحم آپريشن ڪري هميشه لاءِ ڪچي مان ڌاڙيلن جو ناسور ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.