شاهپور جهانيان پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، هڪ ڏوهاري مارجي ويو

نوابشاھ (رپورٽ: غلام نبي ڀنڀرو) شاهپورجهانيان پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ 2 فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي  ته لنڪ روڊ صفن ڏاهري تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل بشير احمد مڱڻهار ۽ سندس 2 ساٿي جيڪي ڦر ڪرڻ جي ارادي سان بيٺل هئا جن پوليس موبائيل مٿان فائرنگ ڪئي ۽ پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ جوابدار 38  سالن جو بشير احمد مڱڻهار ولد شهمير مڱهڻار زخمي ٿي پيو، جيڪو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ۽ ان جا ساٿي فرار ٿي ويا، ايس ايڇ او دولتپور گلزار احمد مري ٻڌايو ته جوابدار ڏوھ جي ارادي سان بيٺل هئا ته پوليس جو جوابدارن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هڪ مارجي ويو آهي ۽ ٻه فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي، مارجي ويل ڏوهاري تي 20 کان وڌيڪ ڪيس مختلف ٿاڻن تي داخل ٿيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.