سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ريليون، ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم نينگري پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي  ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا،حيدرآباد جي نوجوانن پريا ڪماري جي آزادي ۽ استاد هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي فيضان سيال، رفيق سولنگي،  رميز جويو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ هر روز ماڻھو اغوا ۽ قتل پيا ٿين پر حڪومت ان عمل کي روڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي وئي آھي، پريا ڪماري کي اغوا ٿئي ڪيترائي مھينا گذري چڪا آھن، پر حڪومت ان کي آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آھي، نواب شاھ ۾ جسقم پاران معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي ۽ شھيد استاد ھدايت لوھار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ، منير ابڙو، ناليواري شاعر بخشل باغي، سيد ناصر شاھ، ڪاشف لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي شهيد ٿيل  استادن جي قاتلن کي  گرفتار، مغوين جي آزادي ۽ بدامني عبالله نظاماڻي امام بخش بلوچ محمد صالح سنجراڻي ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، نبي سر روڊ ڀرسان مير موري اسٽاپ تي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ارشاد چانڊيو، سترام ڪڇي، پرڪاش ڪڇي، تعمير حسين چانڊيو ۽ عبدالحق چانڊيو ۽ ٻين پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو، ڪنڌڪوٽ ۾ ھندو پنچائت جي سڏ تي سنگرار واسي معصوم نينگري پريا ڪماري جي آزادي لاءِ مختلف سياسي سماجي اسڪولي ٻارڙن پريس ڪلب آڏو ڊاڪٽر ميهرچند، فقير گوڪل داس، رام چند آريا، دليپ ڪمار ٺاڪر،غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم  نياڻي پريا ڪماري جي آزاديءَ لاءِ ايس ايس ڊي ڌام کان پريس ڪلب گمبٽ تائين پي ٽي آءِ اڳواڻ سيد ھمير شاھ جيلاني، جئه پرڪاش ڪڪريجا،خادم حسين رتڙ، سڪندر چانڊيو، آصف لاکائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، هڱورجا ۾ سنڌ ترقي پسند اسٽوڊنٽس فيڊريشن ستاف جي  سڏ تي  پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سخي ناصر شاھ گيٽ وٽ ساس اڳواڻ ڄام محبت سھتو، ستاف جي مرڪزي اڳواڻ ڄام مھدي رضا سھتو ۽ ظھير ميمڻ جي اڳواڻي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ، لاڙڪاڻي ۾ چانڊيا اتحاد پاڪستان ويلفيئر جي سڏ تي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سول سوسائٽي، شهري اتحاد، ساڃاھ وندن، شاعرن، اديبن، وڪيل برادري سميت مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن طرفان ريلي ڪڍي قائد عوام پريس ڪلب لاڙڪاڻو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ عبدالمالڪ چانڊيو، ارشاد چانڊيو، طاهره نوناري، سلميٰ ڀٽو، صفيه چانڊيو، حفيظ چانڊيو، ممتاز علي، علي خان چانڊيو، ارباب علي، فدا حسين چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو، مظاهرن ۽ ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پريا ڪماري سنڌ جي نياڻي آهي، جڏهن ته اڍائي سالن کان وٺي کيس آزاد ناهي ڪرايو ويو، جنهن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته پوليس ۽ ادارا نه ٿا چاهن ته سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري بازياب ٿئي، اڄ هي احتجاج ان لاءِ ڪري رهيا آهيون جيئن پريا ڪماري سميت ٻيون نياڻيون به آزاد ٿي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.