ڪراچي ۾ عوامي هنڌن تي ليٽرين نه هجڻ جو معاملو عدالت پهتو

ڪراچي )رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پبلڪ ليٽرين جي  موجودگي کي يقيني بڻائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار وڪيل طارق منصور چيو ته 2013ع ۾ پبلڪ ٽوائلٽس جي تعمير لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي، ڪراچي ۾ عوامي هنڌن تي 800 ليٽرين ٺاهڻ جو پلان ڏنو ويو، ڊائريڪٽر پبلڪ هيلٿ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي،

 

.درخواستگذار چيو ته پلان کانپوءِ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو پر ان سلسلي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي، سنڌ بار ڪائونسل سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ پبلڪ ليٽرين جي کوٽ بابت رپورٽ جمع ڪرائي هئي، جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر ان معاملي تي لاعلمي جو اظهار ڪيو، عدالت ڪيس جي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .درخواستگذار چيو ته يونائيٽڊ نيشن جي سسٽين ايبل ڊولپمينٽ گولز جي شق نمبر 6 تحت صاف پاڻي ۽ صحت جون سهولتون رياست جي ذميداري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.