ڳوٺ وڏا سمنگ واقعو ڳجهارت بڻيل، 3 ٻارن جي تدفين، علائقي ۾ سوڳ

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو/ شاهد نواز سيال) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل افسوسناڪ واقعي ۾ 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل ٽن ٻارڙن  6 سالا مدد علي پٽ شاهنواز شيخ، 4 سالن جي نينگري مهناز ڌيءُ شاهنواز ، 10 سالن جي عارف  پٽ عرفان شيخ جا لاش سندن ئي گهر جي پيتيءَ مان ملڻ بعد ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري لاشن جون 8 ڪلاڪن بعد سول اسپتال خيرپور ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو،  ڊاڪٽرن زباني طور پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٻارڙن جي جسم تي تشدد جا نشان آهن ۽ هڏن ۾ فريڪچر موجود آهن، واقعو قتل هجڻ جو خدشو آهي، پر ڊاڪٽر 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود لکت ۾ ابتدائي رپورٽ جاري ناهي ڪئي، لاشن جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش گهر پهتا ته وارثن عورتن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا، گهرن ۾ قيامت جا منظر هئا، ٽنهي لاشن جي جنازي نماز فيض آباد ڀرسان ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ،واپارين، صحافين وڪيلن، سول سوسائٽي جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ٽنهي معصوم ٻارڙن جا لاش اباڻي قبرساتن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، واقعي جي رد عمل ۾ خيرپور ۽ ڀرپاسي سوڳوار ماحول برقرار رهيو، ڊاڪٽرن توڙي پوليس پاران هن واقعي بابت تفصيلات نه ٻڌائڻ ،قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي ڪري معاملو اڃاتائين ڳجهارت بڻيل آهي، هن سلسلي ۾ مقتول ٻارڙن جي وارثن تڏي تي تعزيتون وصول ڪندي به روئيندي قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندي خيرپور پوليس کان قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، آخري اطلاعن تائين واقعو جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو، نه ڪا گرفتاري ظاهر ڪئي وئي، بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او انور ابڙو عوامي آواز کي ٻڌايو ته پراسرار نموني فوت ٿي ويل ٻارڙن جا وارث اسان وٽ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناھن پھتا ٽن کان چار ڀيرا اسان وٽن ھلي ويا آھيون ۽ جاچ ڪري رهيا آهيون ھينئر تائين ڪوبه ماڻھون گرفتار ناھي ٿيو ڇوته اسان وٽ مقتول ٻارڙن جا وارث ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ناھن پھتا، جڏھن ته حتمي ميڊيڪل رپورٽ به ناھي ملي ۽ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جو لفظي چوڻ آهي ته ھڪ ٻار جي جسم تي تشدد جا نشان آهن پر ھينئر تائين رپورٽ ناھي ملي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.