دهشت گردن ۽ سهولتڪارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. هفتيوار پريس بريفنگ دوران  ممتاز زهرا بلوچ چيو ته بشام ۾ دهشتگرداڻي حملي بعد حڪومت چيني حڪومت سان رابطي ۾ آهي جنهن جي نتيجي ۾ پنج چيني شهري مارجي ويا. سندس چوڻ هو ته اهڙا حملا دهشتگردي کي منهن ڏيڻ واري عزم کي هٿي ڏين ٿا، پاڪستان ۽ چين ويجها ۽ دوست ملڪ آهن.

 

هن چيو ته اسان کي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بشام حملو پاڪستان ۽ چين دوستي جي دشمنن ڪيو هو، اسان گڏجي اهڙن حملن خلاف ڀرپور طريقي سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ کين شڪست ڏينداسين. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته گڏيل قومن ۾ جنگ بندي جو ٺهراءُ منظور ٿيڻ کانپوءِ به اسرائيل جون فلسطينين خلاف ڪارروايون جاري آهن، فلسطيني ڏڪار ۽ نسل ڪشي کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ظلمن کي روڪرايو وڃي ۽ امدادي ٽيمن کي غزا ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.

  1. پي آءِ اي خانگائڻ ۾ وڏي رنڊڪ ختم، اثاثن بابت معاهدا ٿي ويا

اسلام آباد(م ڊ)قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ وڏي رڪاوٽ هٽائي وئي آهي. قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي گروي رکيل اثاثن بابت بينڪن سان معاهدا ڪيا ويا آهن ۽ ٽرم شيٽ به مقرر ڪئي وئي آهي. امڪان آهي ته بئنڪ هن هفتي اين او سي جاري ڪن، جنهن سان قومي ايئرلائن جا اثاثا واپس ورتا ويندا ۽ پرائيويٽائيزيشن ٿيندي. ذريعن موجب بينڪ قرض 10 سالن تائين واپس نه ڪيو ويندو ۽ 12 سيڪڙو جي شرح سان منافعو ڏنو ويندو.

منافعي واري ڪمپني ٿيڻ دوران، بينڪ قرض واپس ڪيو ويندو.شروعاتي ڍانچي موجب پي آءِ اي جا 51 سيڪڙو شيئر پرائيويٽائز ڪيا ويندا، نجڪاري مان حاصل ٿيندڙ رقم پي آءِ اي جي بحالي تي خرچ ڪئي ويندي ۽ پي آءِ اي خريد ڪندڙ پارٽي کي 51 سيڪڙو سيڙپ ڪرڻو پوندو.

  1. سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان گم ٿيل ماڻهن جي آزادي بابت جي ٽي آءِ سربراهه طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني  بينچ 14ورهين جي نينگر سميت 13 گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 14سالن جو عطاءُ الله لياقت نيشنل اسپتال ۾ مينٽيننس ورڪر طور ڪم ڪندو هو،عطاءُ الله ڪم کان واپس اچي رهيو هو ته کيس اسپتال جي دروازي وٽان ڪنهن اداري پاران کنڀي گم ڪيو ويو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته نينگر جي آزادي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن،

جاچ آفيسر چيو ته 18 جي آءِ ٽي جا اجلاس ٿي چڪا آهن، گذريل جي آءِ ٽي ۾ نينگر جي جبري گمشدگي جو انڪشاف ٿيو، عدالت 14 ورهين جي نينگر کي جبري گم ٿيل قرار ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو ته 14سالن جي نينگر جي جبري گمشدگي ڪيئن ٿي سگهي ٿي، نينگر اهڙو ڇا ڪيو هو؟ ڇا جي آءِ ٽي سربراهه اکيون بند ڪري لکن ٿا؟ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جي آءِ ٽي سربراهه پاڻ پيش ٿي وضاحت ڪري ته ٻار کي ڇو گم ڪيو ويو، عدالت ڊي آءِ جي کي ڪارروائي ۾ سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.