عدليه ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت: حڪومت پاران جاچ ڪميشن جو اعلان\ انتظاميا پاران عدالتي ڪمن ۾ مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي: چيف جسٽس

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن پاران لکيل خط جي حوالي سان وزيراعظم شهباز  شريف سان ملاقات کانپوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان فل ڪورٽ اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن شرڪت ڪئي، چيف جسٽس پنهنجي ساٿي ججن کي وزيراعظم سان ٿيل ملاقات بابت اعتماد ۾ ورتو،فل ڪورٽ اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته ڪنهن به حالتن ۾ عدليه جي آزادي تي سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي، ايگزيڪيٽو پاران ججن جي عدالتي ڪمن ۾ مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي، پڌرائي مطابق 26 مارچ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جو خط مليو، معاملي جي سنگيني تي انهيءَ ڏينهن چيف جسٽس اسلام آباد جي 6 ججن جو اجلاس گهرايو،هر جج جي خدشن کي انفرادي طور ٻڌو ويو، پڌرائي مطابق وزيراعظم سان ملاقات کان پوءِ فل ڪورٽ اجلاس ٻيهر گهرايو ويو،اجلاس ۾ ججن کي وزيراعظم سان ملاقات تي بريف ڪيو ويو، فل ڪورٽ اجلاس 6 ججن جي خط ۾ اٿاريل اشوز تي غور ڪيو ويو، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ واضح ڪيو ويو ته ڪهڙين به حالتن ۾ عدليه جي آزدي تي سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي، ايگزيڪيٽو پاران ججن جي عدالتي ڪمن ۾ مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي، ملاقات ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي تجويز آئي، سٺي ساک رکندڙ رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن جي معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم خاطري ڪرائي ته ڪميشن جي جوڙجڪ جي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا جو اجلاس گهرايو ويندو، پڌرائي مطابق چيف جسٽس ۽ ملاقات ۾ شامل سينيئر ترين جج جو چوڻ هو ته عدليه جي آزادي بنيادي ٿنڀ آهي جيڪو قانون جي حڪمراني برقرار رکي ٿو، وزيراعظم يقين ڏياريو ته هو آزاد عدليه کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ مناسب قدم کڻندو، پڌرائي ۾ چيو ويو ته وزيراعظم لاڳاپيل کاتن کي هدايتون جاري ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي، وزيراعظم فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي پيراگراف 53 بابت قانون سازي شروع ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن پاران ڳجهن ادارن جي عدليه ۾ مداخلت جي الزام واري خط جي معاملي تي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف سان چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي معاملي جي جاچ جو اعلان ڪيو.اعظم نذير تارڙ چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ گذريل ڏينهن فل ڪورٽ اجلاس ٿيو، چيف جسٽس ان معاملي تي وزيراعظم سان مشاورت جي خواهش ظاهر ڪئي.نذير تارڙ چيو  ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن سپريم ڪورٽ جي ججن کي خط لکي شڪايتون موڪليون آهن،خط ۾ اڳوڻي چيف جسٽس جي دور بابت اڪثر ڳالهيون هيون، ڪالهه چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ سمورن ججن جو فل ڪورٽ اجلاس ٿيو، چيف جسٽس خواهش ظاهر ڪئي ته وزيراعظم معاملي تي ڳالهائي، ڪالهه اٽارني جنرل کي آگاهه ڪيو ويو ۽ پوءِ خط به مليو.هن چيو ته معاملي جي سنگيني کي سامهون رکندي وزيراعظم چيو ته مان پاڻ وڃان ٿو، چيف جسٽس ۽ وزيراعظم وچ ۾ ملاقات ڏيڍ ڪلاڪ جاري رهي، جنهن ۾ چيف جسٽس ۽ سڀ کان سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه به موجود هئا.اعظم نذير تارڙ چيو ته وزيراعظم چيو ته عدليه جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، معاملي جي جاچ ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي، ڪنهن به اداري جي معاملي ۾ مداخلت نه ٿيڻ گهرجي، انڪوائري ٿيندي. سٺي شهرت جي رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ ڪميش قائم ڪئي ويندي،ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ تحت ڪميشن جوڙي ويندي، وزيراعظم چيو آهي ته ايندڙ ٻن کان چئن ڏينهن ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ ججن جي نالن تي غور ڪيو ويندو،ڪنهن به اداري جي معاملي ۾ مداخلت نه هئڻ گهرجي،قانون واري وزير چيو ته وزيراعظم اهو معاملو اڄ ڪابينا ۾ رکندو، اسان اهو معاملو عدليه تي ڇڏي ڏيون ٿا ته اهو خط مس ڪنڊڪٽ آهي يا نه، ٽي او آرز ۾ ان خط ۽ ماضي جا معاملا به شامل هوندا، اسان سمجهون ٿا ته اهو تمام گهڻو سنجيده معاملو آهي. ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته تاريخ فيصلو ڪندي آهي ته ڪير غلط آهي ۽ ڪير ناهي، هاءِ ڪورٽ جا جج مقدس فرض ادا ڪن ٿا، هر ڪنهن جا پنهنجا فرض آهن، مان سمجهان ٿو ته اهڙن ڪيسن کي دٻائڻ نه گهرجي.هن چيو ته ملاقات ۾ ٽيڪس ۽ خط سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو، اهو ضروري آهي، جنهن لاءِ حڪومت خط جي معاملي جي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته چيف جسٽس انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. قانون واري وزير چيو ته عدليه ۾ مداخلت ۽ ڌمڪين واري معاملي تي وزيراعظم آءِ ايس آءِ سربراهه سان وقت اچڻ تي ضرور پڇندو،رپورٽ ۾ الزام ثابت ٿيا ته آءِ ايس آءِ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.