جج معاملو: وزيراعظم جي آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه سان ملاقات جا اطلاع؟

اسلام آباد(م ڊ)افواهه آهن ته وزيراعظم شهبازشريف چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات کان اڳ آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه سان ملاقات ڪئي آهي پر آزاد ذريعن ان خبر جي تصديق نه ٿي سگهي آهي،ذريعن موجب ڪجهه ملاقاتون آف دي رڪارڊ هونديون آهن، ٿي سگهي ٿو ته وزيراعظم چيف جسٽس سان ملاقات کان اڳ اهي ملاقاتون ڪيون هجن،وزيراعظم سان چيف جسٽس جي ملاقات ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي موجودگي ان ڳالهه جو اشارو آهي ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان ۾ شفافيت آهي ۽ چيف جسٽس بادشاهن وانگر ڪم نه پيو ڪري،چيف جسٽس پوري ڪورٽ کي اعتماد ۾ ورتو،حڪومت سان گڏ سپريم ڪورٽ به ان خط کي شڪ شبهن سان ڏٺو آهي ۽ ان خط کي مقدس ناهي سمجهيو،ڇو ته ان خط جي ٽائمنگ به شڪ جي نظر سان ڏٺي پئي وڃي،ان خط جي جاچ کي پبلڪ به ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،2018ع کان پهرين به آءِ ايس آءِ جي مداخلت ٿيندي رهي آهي، فوج کي غير سياسي بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.