شير افضل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چيئرمين ۽ عمر ايوب اپوزيشن ليڊرنامزد

راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان عمر ايوب کي اپوزيشن ليڊر ۽ شير افضل مروت کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جو چيئرمين نامزد ڪري ڇڏيو.  اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته پنجاب جي 40 ايم پي ايز جي فارورڊ بلاڪ جي خبر ناهي. هن مطالبو ڪيو ته ڊونلڊ لو جي بيان جي ٻيهر جاچ ڪرائي وڃي، آمريڪي سفير ساڻس ملڻ لاءِ جيل نه آيو، جيڪڏهن آمريڪي سفير سان ملاقات ڪريان ته ڊونلڊ لو جي بيان ۽ آمريڪي سفارتخاني جي ڪردار تي ڳالهه ٻولهه ڪندس. عمران خان چيو ته اصل سائيفر پرڏيهي آفيس ۾ آهي، اسان کي پيراگراف ڪاپي ڏني وئي، جيڪڏهن سائيفر گم ٿي وڃي ته وزيراعظم پنهنجي آفيس جو چوڪيدار ناهي، آفيس کي ڪجهه سيڪيورٽي پروٽوڪول هوندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.