ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ملير ۾ 23 ايڪڙ زمين پرائيويٽ پارٽي کي نيلام ڪرڻ بابت درخواست تي رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 25 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواست جي وڪيل موقف ڏنو ته هيءَ زمين اسان جي آهي ۽ ڳوٺ آباد تحت اسان کي الاٽ ڪئي وئي آهي، زمينن تي اڏاوت شروع ٿي چڪي آهي، اڏاوت روڪي وڃي، ڊي جي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي وڪيل سان گڏ پيش ٿيو، ايم ڊي اي جي وڪيل موقف ڏنو ته اسان هن معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، اڃان تائين اسان جي رڪارڊ ۾ اهڙا ڪي دستاويز سامهون ناهن آيا ته زمين ڪنهن پرائيويٽ پارٽي کي سيل ڪئي وئي آهي، جسٽس صلاح الدين پهنور رمارڪس ڏنا ته اوهان زمينن جو رڪارڊ ۾عدالت ۾جمع ڪرايو، درخواست جي وڪيل موقف ڏنو ته جيڪڏهن اسان جون زمينون وڪرو ڪيون ويون آهن ته اسان کي متبادل زمينون ڏنيون وڃن، جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا ته اڃان معاملو ڪليئر ناهي، رڪارڊ اچڻ ڏيو پوءِ ڏسون ٿا عدالت 25 ڊسمبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.